تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران زرعي دوائن جي دڪانن سميت گڊز ٽرانسپورٽ کي کولڻ جي اجازت*
  • *غوثپور ۾ 2 مغوي بازياب: پوليس پاران مقابلي بعد هڪ هٿياربند کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ * غوثپور/ڪرمپور: 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل زوهيب ۽ فردوس پٺاڻ کي ڪچي مان بازياب ڪرايو ويو *
  • *ڪراچي: وڏي وزير پاران عبدالقادر جوڻيجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار کير جا دڪان رات 8 وڳي تائين کولڻ جو حڪم*
  • *اسلام آباد: وزيراعظم جو ڪورونا سان وڙهڻ لاءِ ٽائيگر فورس ٺاهڻ جو اعلان * اسلام آباد:ڪورونا وائرس بزرگن ۽ بيمار ماڻهن لاءِ خطرناڪ آهي:عمران خان * اسلام آباد: ڪهڙي قسم جو لاڪ ڊائون ڪامياب نٿو ٿي سگهي: عمران خان * اسلام آباد:قوم متحد ٿي ڪورونا وائرس سان وڙهي سگهي ٿي: وزيراعظم * اسلام آباد: 5 کان 7 ڏينهن تائين ڪورونا جي صورتحال واضح ٿي ويندي:وزيراعظم * اسلام آباد: قوم کي چوان ٿو ته هيءَ جنگ اسان کي گڏجي وڙهڻي آهي:عمران خان * اسلام آباد: ماڻهن جي بُکن تي پئسا ٺاهيندڙ منافعي خورن کي بخش نه ڪبو:وزيراعظم * اسلام آباد: منافعي خورن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي: عمران خان *
  • *ڪراچي: هاڻي مون کي ڪورونا وائرس ناهي: صوبائي وزير سعيد غني جو وڊيو بيان*
  • *ڪراچي: ڪورونا وائرس: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تبليغين کي روڪيو ويو، مرڪزن کي پوليس جو ڪڙو، چرپر تي پابندي * ڪراچي: لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ڄامشورو سميت ٻين شهرن ۾ پوليس تبليغين کي روڪي ورتو *
  • *ڪراچي: جمعي نماز دوران اجتماع ڪندڙن خلاف ڪيس ختم ڪريو: وڏي وزير جي آءِ جي سنڌ کي هدايت * ڪراچي: جن به ماڻهن ضمانتون ڪرايون آهن، انهن کي پنهنجا مچلڪا واپس ڪيا ويندا: وڏو وزير * ڪراچي: عالمن حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي: سيد مراد علي شاهه*
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 21 متاثر صحتياب: انگ 41 ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ڊي ايس پيز جون بدليون ۽ مقرريون:اسلم لانگاهه وڏي عرصي بعد بدلي، سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر *حيدرآباد: مورو، جهول، کپرو، ٽنڊوالهيار، حسين آباد سميت اٺن تعلقن جا ڊي ايس پيز بدلي *حيدرآباد: انور شيخ جي جاءِ تي اسلم لانگاهه کي سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪيءَ ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوليس 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.*
  • *ڪريم بخش کوسو ڀرسان مينهن ٽَڪر هڻي ڇهن ٻارن جي پيءُ کي ماري ڇڏيو*
  • *اتر وزيرستان ۾ ن ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي محمد نذير تي قاتلاڻو، محفوظ*
  • *سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، گهرواري جو مخالفن تي قتل جو الزام*
  • *ميرپورماٿيلو: ڊسٽرڪٽ اسپتال جي انتظاميه حفاظتي ڪٽس نه مليون، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ عملي ۾ ڪورونا جو خدشو*

لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي: صالح پٽ ۾ شادي ڪاڄ تي اي سي جو ڇاپو. گهوٽ ڀڄي ويو، ڀاءُ گرفتار

شادي ڪاڄ تي ڇاپو، پوليس ڪناتون ۽ ديڳيون به تحويل ۾ورتيون،

لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو: اي سي

صالح پٽ ( ن پ ا ) لاڪ ڊائون واري صورتحال باوجود صالح پٽ ويجهو رٿيل شادي ڪاڄ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پوليس جي ڇاپي دوران گهوٽ ڀڄي ويو، اهلڪارن سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ڪناتون ۽ ديڳيون تحويل ۾ وٺي ڇڏيون آهن، ڳوٺ جان محمد ڀنڀرو ۾ ميرجت برادري جي شادي جو ڪاڄ هلي رهيو هو ته اسسٽنٽ ڪمشنر راجيش ڪمار صالح پٽ پوليس ساڻ ڪري تقريب تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران پوليس ٻه ڪناتون ۽ ٻه ديڳيون تحويل ۾ ورتيون، اسسٽنٽ ڪمشنر راجيش ڪمار ٻڌايو ته اطلاع تي ڇاپو هنيو جتي ننڍي پئماني تي شادي رٿيل هئي، گهوٽ ڀڃي ويو سندس ڀاءُ ڪيوڙو ميرجت کي پوليس حوالي ڪيو آهي، لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو..

Bookmark the permalink.