تازا ترين
  • *ملير ۾ الخدمت اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق*
  • *ڪراچي: حيدرآباد رينج جي 20 کان وڌيڪ انسپيڪٽرز کي پگهارون نه مليون، فاقا ڪاٽڻ تي مجبور*
  • *ميهڙ پوليس جي ڪارروائي: واپاري جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار*
  • *ڀان سيد آباد ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران هڪ شخص مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت*
  • ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن دوران هڪ ڄڻو فوت، ماءُ ۽ پٽ سميت 8 ڄڻا زخمي * سنڌڙي جي علائقي ھڱورنو وٽ اوور لوڊ هئڻ سبب رڪشا ڪلٽي، ڳوٺ مراد علي پھوڙ واسي پورھيت ناريو ڪولھي فوت * ٽنڊو محمد خان-بدين روڊ تي ٻارڻ اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه نوجوان محمد عامر ۽ ذوالقرنين سخت زخمي * دولتپور صفن ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان رضا حسين ۽ سندس امڙ زينب خاتون زخمي * شاھپورچاڪر ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلز ۾ ٽڪر سبب پيرسن عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا سخت زخمي *
  • *مٺي: 12 ورهين جي نينگر مبينا طور معمولي ڳالهه تان گهروارن سان ناراض ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو * ڳوٺ ڦل ترائي ۾ نينگر مهيش ڀيل مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو *
  • *ڦلهڏيون ۾ رورل هيلٿ سينٽر تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ واريون سهولتون نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي طرفان احتجاج*
  • *خيرپور ۾ ملڪيت جي معاملي تان وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل، جوابدار گرفتار*
  • * راڌڻ: روزاني پنھنجي اخبار نئون ڳوٺ جي رپورٽر خورشيد لاکير تي تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او بھرام پنھور خلاف ڪيس داخل *
  • *اسلام ڪوٽ: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي سبب ڪراچي ۾ فوت ٿيل ڪائونسلر جي گهرن کي پوليس پاران ڪڙو، شهر به بند * گذريل ڏينهن فوتي ڪائونسلر آڪاش منجياڻي جي وارثن اسلام ڪوٽ پهچي غريب شهرين ۾ امدادي سامان ورهايو هو * اسلام ڪوٽ: انتظاميا کي فوتي ۽ سندس گهرڀاتين جي ڪورونا وائرس بابت رپورٽ جو انتظار، رپورٽ اڄ شام ملڻ جو امڪان *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين 42 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا، متاثرن جو انگ 8 لک کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 10 ڏينهن ٿي ويا: ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند*
  • *هن وقت تائين وائرس سبب پنجاب ۾ 9، سنڌ ۾ 8، ڪي پي ۾ 6، بلوچستان ۾ هڪ ۽ گلگلت بلتستان ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا*
  • *ڪورونا وائرس: ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 2040 ٿي ويو*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ هادي بخش ۾ چورن هٿان ڀاڳيو قتل، 4 گهرڀاتي زخمي، ڳوٺاڻن پاران هڪ چور مبينا طور پوليس حوالي * نوراجا لڳ ڳوٺ ۾ 4مبينا چورن مزاحمت تي عبدالطيف ڀٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو * ايس ايڇ او بائيجي ٿاڻو پاران ڪو به چور حوالي ٿيڻ کان انڪار، ڳوٺاڻن جو احتجاج*

لاڪ ڊائون جي مهرباني: اٽو، پٽاٽا، گيهه ۽ داليون به غريبن جي خريد کان ٻاهر

ڪراچي۾ڪڪڙجوگوشت غائب،اگهن۾20سيڪڙوواڌ،بيضا35رپيافي درزن مهانگاٿي ويا

حيدرآباد۾فروٽ۽ڀاڄين جااگهه20کان25سيڪڙووڌي ويا،سگريٽن جي اگهن۾رڪارڊواڌ

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا لاڪ ڊائون سبب ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي شهرن ۾ مهانگائي عروج تي پهچي وئي آهي، شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن. مارڪيٽن مان اٽي کانپوءِ مرغي جو گوشت به غائب، بيضا 35 رپيا في درجن مهانگا، ڀاڄين ۽ ميوات جي اگھن ۾ به واڌ، هر علائقي ۾ دڪاندارن پنهنجا پنهنجا اگھه مقرر ڪري ڇڏيا. اگهن تي ضابطو آڻيندڙ ڊي سي ڪورونا ڊيوٽين تائين محدود ٿي ويا، ان حوالي سان ورتل جائزي موجب سنڌ ۾ لاڪ ڊائون واري حڪومتي اعلان کانپوءِ ڪراچي جي مارڪيٽ مان اٽي کانپوءِ مرغي جو گوشت اڻلڀ ٿي ويو، جڏهن ته کاڌي پيتي جي شين جا به 15 کان 20 سيڪرو اگھه وڌي ويا آهن، “پنهنجي اخبار” پاران شهر ۾ ڀاڄي، ميوات سميت کاڌي پيتي جي مارڪيٽن جي ورتل جائزي دوران معلوم ٿيو ته ڪنهن به مارڪيٽ ۾ ڀاڄين ، ميوات سميت کاڌي پيتي جي شين جي سرڪاري اگهن تي عمل نه ٿي رهيو هو. پٽاٽا 40 کان 45 رپيا في ڪلو، بصر 60 مان 80 رپيا، کيرا 85 رپيا، پتائي گجر 80 رپيا، ڀينڊي 165 کان 175 رپيا ، انگريزي ميها 120 رپيا ، گوگڙو 85 رپيا، ادرڪ 430 رپيا ڪلو، ليمون 220 رپيا ، توري 120 رپيا، ڪريلا 250 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا هئا، اهڙي طرح ٽماٽا به 40 کان 50 رپيا، واڱڻ 65 رپيا ۽ ساوا مرچ 180 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا هئا“ ٻئي طرف قنڌاري صوف 250مان 300، پپيتا250، زيتون، چيڪو، صوفي ٻير 200، اسٽرابيري 400، ڪيلا 120 مان 140 ۽ نارنگيون 240 مان 300 رپيا وڪرو ٿي رهيا هئا، ٻئي طرف دالين ۽ چانورن جي اگهه جي اگهه ۾ في ڪلو تي 20 رپيا اصافو ٿي ويو هو، جڏهن ته مختلف دڪانن تي چڪي جو اٽو اڻلڀ هو، هوڏانهن شهر ۾ مرغي جي نيئن اسٽاڪ جي آمد بند ٿي وئي آهي، دڪاندارن موجب اهي موجود اسٽاڪ وڪرو ڪري رها آهن. حيدرآباد ۾ جيتوڻيڪ فروٽ ۽ ڀاڄين جي گاڏين جي آمد جاري آهي پر ان جي باوجود فروٽ ۽ ڀاڄين جا اگهه به 20 کان 25 سيڪڙو وڌي ويا آهن. لاڪ ڊائون کان اڳ 60 کان 80 رپيا في ڪلو وڪامندڙ نارنگيون 100 کان 120 رپيا ٿي ويون آهن. اهڙي طرح صوف، ڪيلي، گدري، اسٽرابري، چيڪو ۽ ٻيرن جي اگهه ۾ به واڌ آئي آهي. ڀاڄين ۾ تورين، بصرن، پٽاٽن، ٽماٽن، ٿوم، ڌاڻن، مرچن ۽ ڀينڊين جا اگهه به 20 کان 25 سيڪڙو، کنڊ، چانهه، مصالحن، چانورن ۽ اٽي جا ريزڪي اگهه به 25 کان 30 سيڪڙو وڌايا ويا آهن. سگريٽن جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ آئي آهي ۽ في پاڪيٽ تي 30 کان 50 رپيا اضافي رقم وصول ڪئي پئي وڃي. ضلعي توڙي ڊويزنل انتظاميا لاڪ ڊائون جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ مصروف آهي پر کاڌي پيتي جي شين ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ اڃا تائين ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن. ڄامشوري ضلعي ۾ دڪانن تي سامان کٽي ويو آهي ۽ باقي بچيل اسٽاڪ مهانگي اگھه تي وڪرو ٿي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڏهاڙي تي گذر ڪندڙ مزدور پيشا ماڻهو ڪوبه راشن گڏ نه ڪري سگهڻ سبب ٻٽي عذاب ۾ اچي ويا آهن. کاڻوٺ جي ڪريانا اسٽور جي مالڪن ڀليڏنو ميمڻ، قادر دائيداڻو، ڄامشوري جي سبزي فروش آزاد علي سنجراڻي چيوته شيون مهانگيون ملن پيون ان ڪري اسان به مجبور آهيون. شهري محمد علي عالماڻي جو چوڻ هيو ته 20 روپئي ڪلو وارا پٽاٽا هڪدم 40 رپين ۾ ۽ 50 رپئي وارو بصر 80 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته ٽماٽو به ويھ روپين مان هڪدم پنجاھ روپين تي پڄي ويو آهي. شهري اتحاد جي اڳواڻ رب نواز ابڙو جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا کي ان حوالي سان ڪا پاليسي جوڙي فوري طور ان مسئلي جو حل ڪڍڻ گهرجي. لاڙڪاڻي واسي آصف علي پيرزادو، عبدالوهاب چنو، مظهر علي جتوئي، وقار علي سومرو، ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هڪ ته گهرن ۾ بند آهيون ويتر عام واهپي جون شيون مهانگيون خريد ڪرڻ تي مجبور آهيون پٽاٽا 30 بجاءِ 60 روپيا ڪلو، گوبي 20 کان 40 روپيا، ڪريلا 120 کان 150 روپيا، واڱڻ 30 کان 60 روپيا، ٽماٽا 30 کان 50 روپيا، توري 50 کان 80 روپيا، مٽر 50کان 80 روپيا ڪلو، ٿوم 50 کان 90 روپيا پاءُ، ادرڪ 60 کان 100 روپيا پاءُ، ڀينڊي 130 کان 160 ڪلو جڏهن ته فروٽ ۾ صوف 120 کان 150 روپيه ڪلو، ڪيلا 60 مان 90 روپيه درزن، چڪو 60 کان 90، اسٽرابيري 60 کان80 روپيه پاڪيٽ، گيھه 170 کان 220 رپيا ڪلو، دال مڱ 210کان 245 روپيا، مرچ 400 بجاءِ 480 روپيا ۽ صرف 250 کان 300، مُن چانور 1500 کان 1800 رپيا ڪٽو، سڄو چانور 25 سئو کان 3200 رپيا ڪٽو، اٽو چانورن جو مڻ 17 کان 1900، ڪڻڪ جو اٽو 1800 کان 2000 رپيا مڻ، کنڊ60 کان80 رپيا ڪلو ٿي ويا آهن. شھدادڪوٽ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 17 سو روپين وارو اٽو 22 سو روپيا في مڻ، چانور 90 روپين ڪلو وارا 120 روپيا، تيل گيھ 200 وارو 250 روپيا، دالين جا اگھ به ٻيڻا ٿي ويا آهن. پٽاٽا 50 روپيا، بصر100 روپيا، ڀينڊيون 200 روپيا، پالڪ 50 روپيا ۽ گوبي 60 روپيا، توري 150 روپيا۽ کنڊ، اٽو ۽ چانور، گيهه کاڄرو تيل به مهانگو آهي. شڪارپور ۾ کنڊ 80 بدران 100 رپيا، دال مڱ 250 بدران 270، گيهھ 160 بدران ،180 تيل 190 بدران 220، چانور مُن 50 کان 80 رپيا، اٽو ڪڻڪ 52 کان 57 رپيا، گاڙھا مرچ 540 بدران 600 ، ساوا مرچ 160 رپيا ڪلو،ڀينڊي120 ڪلو، توري 45 رپيا ڪلو، پٽاٽا 30 رپيا ڪلو، ٽماٽرن 30 رپيا ڪلو وڪامي رهيا آهن. بدين ۾ کاڌي پيتي جي هرشيء 15 کان 20 رپيا مهانگي ملي رهي آھي 160 رپيا، گيھه 175 رپيا، کنڊ 78 مان 90 رپيا، ڪجھ ڏينهن پهرين 5 رپيا ڪلو وڪامجندڙ ٽماٽو 25 کان 30 رپيا ڪلو وڪامي رهيو آھي ساڳئي طرح سبزيون پڻ مهانگي اگھ تي ملي رهيون آھن.

Bookmark the permalink.