تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

لاڪ ڊائون جو ٽيون ڏينهن: ڪراچي، حيدرآباد، دادو، لاڙڪاڻو، سانگهڙ ۽ ٻيا شهر بند، فوج، رينجرز ۽ پوليس مقرر، سخت چيڪنگ

اسپتالن،ميڊيڪل اسٽورز،سبزين۽ڪريانه جي دڪانن کان علاوه سڄي سنڌ۾مرڪزي ڪاروبارمڪمل طوربندپيل

ڪراچي شهر ۾ چپي چپي تي فوج، رينجرز ۽ پوليس جا اهلڪار مقرر، ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي روڪي سڃاڻپ ڪرڻ کانپوءِ ڇڏيو ويو

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جو اڄ ٽيون ڏينهن آهي، ڪراچي، حيدرآباد، دادو، لاڙڪاڻو، نواب شاهه، بدين، سانگهڙ ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ مرڪزي ڪاروبار بند آهي، فوج، رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن پاران گهرن مان نڪرندڙن شهرين کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ڪراچي جي مختلف علائقن ملير، لياري، گلشن حدين، گلستان جوهر، صدر ڪورنگي، لالو کيت، ڪلفٽن، گلشن اقبال، نارٿ ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز بند آهن. شهر ۾ لاڪ ڊائون جي صورت ۾ ميڊيڪل اسٽورز، ڪرياني جا دڪان، کير، ڏهي ۽ ڀاڄين جا دڪان کليل آهن جن مان شهرين پاران ضروري شيون خريد ڪرڻ جو سلسو جاري آهي. ڪراچي شهر ۾ چپي چپي تي فوج، رينجرز ۽ پوليس جا اهلڪار مقرر آهن جيڪي ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي روڪي سڃاڻپ ڪرڻ کان پوءِ کين ڇڏيو وڃي ٿو. حيدرآباد، ٺٽو، ڪوٽڙي، ڄامشورو، هوسڙي، سيوهڻ، ڀان سيد آباد، ٽنڊو ڄام، سن، سيوهڻ دادو ۽ ٻين شهرن ۾ مرڪزي ڪاربارو اڄ ٽئين ڏينهن به ٺپ آهي، شهرين کي گهرن ۾ رهڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران سخت هدايتون ڪيون پيون وڃن. لاڙڪاڻو، قمبر، شڪارپور، نواب شاهه، گمبٽ، نصير آباد، ٽنڊو ڄام، بدين، جيڪب آباد، گهوٽڪي، سجاول، ڪنڌ ڪوٽ، ڪشمور، سانگهڙ، ٽنڊو الهيار۽ ميرپور خاص سيمت سنڌ جا ٻيا ننڍا وڏا شهر لاڪ ڊائون ۾ آهن. سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون واري حڪم تحت صوبي ۾ اسپتالون، ميڊيڪل اسٽورز، سبزين ۽ ڪريانه جي دڪانن کان علاوه سڄي سنڌ ۾ مرڪزي ڪاروبار مڪمل طور بند آهي، سنڌ کان ٻين صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ به معمول کان گهٽجي وئي.

Bookmark the permalink.