تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

لاڪ ڊائون باوجود ڪوٽڙي ۽ نوري آباد جون 200 ملون بند نه ٿي سگهيون

لاڪ ڊائون باوجود ڪوٽڙي ۽ نوري آباد جون 200 ملون بند نه ٿي سگهيون

ڪوٽڙي جي سائيٽ ايريا ۾ 20 کان وڌيڪ فيڪٽريون، ٽيڪسٽائل ملون هلڻ لڳيون

ڪوٽڙي (رپورٽ: شوڪت ميمڻ( سنڌ حڪومت پاران ڪرونا وائرس کان بچاءَ لاءِ پوري سنڌ ۾ ڪيل لاڪ ڊائون جي باوجود ڪوٽڙي ۽ نوري آباد جون 200 کان وڌيڪ فيڪٽريون بند نه ٿيون، هزارين مزدور فيڪٽرين ۾ ڪم ڪرڻ لڳا، وبا ڪورونا وائرس سبب سندن زندگيون داءُ تي لڳل آهن، سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي عمل نه ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ۽ ليبر کاتي پاران فيڪٽرين مالڪن خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ اچي نه سگهي. ڪوٽڙي سائيٽ ۾ 20 کان وڌيڪ فيڪٽريون، ٽيڪسائل ملون هلڻ لڳيون. شهر ۾ لاڪ ڊائون هجڻ ڪري اڪثر مزدور ٻاهران اچڻ گهٽجي ويا آهن جڏهن ته کليل فيڪٽرين ۾ اڪثريت انهن جي آهن جن جي ڪمپائومڊ والز اندر مزدورن کي رهائش مليل آهي، معلوم ٿيو آهي ته حڪومت پاران ملون بند ڪري مزدورن کي ڏهاڙيون ڏيڻ واري اعلان بعد مل مالڪن پاران ملن جي مين گيٽن کي تالا هڻائي اندران ڳجھه ڳوھ ۾ ملون هلايون پيون وڃن. هوڏانهن نوري آباد ۾ پڻ قائم سوين فيڪٽرين مان الرحيم ٽاولز فيڪٽري، فيصل مل، زمان مل سميت ڪجھه ملون ڳجھ ڳوھ ۾ هلڻ جا ااطلاع مليا آهن. فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ هزارين پورهيت ڪرونا وائرس سبب خوف ۾ مبتلا، فيڪٽرين مالڪن ڪي به اپاءُ نه ورتا. سنڌ حڪومت پاران فيڪٽريون بند ڪري مزدورن کي مهيني جو راشن ۽ پگهار ڏيڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، پر ان تي ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي، هوڏانهن ڄامشوري جي ڊپٽي ڪمشنر فريد مصطفي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته تڪڙ ۾ فيڪٽريون بند ڪرڻ وارو عمل ڏکيو آهي ان سان هزارين پورهيت بيروزگار ٿي ويندا، کين ماهوار راشن ڏهاڙي ڏيارڻ لاءِ فيڪٽري مالڪن سان رابطو ڪيو آهي، سنڌ حڪومت جي ڏنل حڪم تي عمل ڪرايو ويندو.

Bookmark the permalink.