تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

لاکا روڊ ۽ ڀرپاسي مستقبل جا معمار پورهيو ڪرڻ تي مجبور، تعليم جي زيور کان محروم

ڏهه کان ٻارنهن سالن جي عمر جا سوين ٻار بُهه جي کوڙن تي 250 رپين عيوض پورهيو ڪن ٿا

پورهيو ڪندڙن ۾ اڪثريت يتيم ٻارن جي آهي يا جن جا والدين سخت غربت ۾ مبتلا آهن

لاکاروڊ (رپورٽ: غلام محمد زرگر) لاکاروڊ ۾ غربت سبب معصوم ٻار سخت پورهيو ڪرڻ لڳا، لاکاروڊ شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا سوين ٻار 250 سو رپيا ڏهاڙي عيوض بُهه جي ڌڙن جي لپائي جو ڪم ڪن ٿا، غربت سبب پنهنجي ٻارن کي اسڪول بدران مزدوري تي موڪليون ٿا/والدين مرتضيٰ لاکو ۽ ٻيا سنڌ توڙي وفاقي حڪومت غريب گهراڻن جي مالي سهائتا ڪري ته جيئن مجبور والدين ننڍن ٻارن کي پورهيو ڪرڻ بدران اسڪولن ۾ پڙهائن، معصوم ٻارن جو مستقبل تباھ ٿي رهيو آهي/سماجي اڳواڻ ساجن ڏاهري ۽ صالح ڏاهري. لاکاروڊ ۾ واپارين پاران اسٽاڪ ڪيل بُهه جي جبل جيڏين کوڙن جي لپائي جو ڪم معصوم ٻار ڪري رهيا آهن، 10 کان ٻارنهن سالن جي عمر جا سوين ٻار بُهه جي کوڙن تي 250 رپين عيوض سخت گرمي ۾ پورهيو ڪن ٿا، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻارن چيو ته اسين غريب هجڻ سبب پنهنجي گهر جي چُلهه ٻارڻ لاءِ مزدوري ڪيون ٿا، پورهيت ٻارن ۾ اڪثريت يتيم ٻارن جي آهي يا جن جا والدين يا ته بيمار آهن يا سخت غربت ۾ مبتلا آهن، ان سلسلي ۾ مزدوري ڪندڙ ٻن ٻارن جي پيءُ مرتضيٰ لاکو روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته آئون غريب مسڪين آهيان ڏهاڙي ڪمايون ڏهاڙي کائون ٿا، اڪثر بيمار رهندو آهيان جيڪو ڪمايان ٿو اهو بيمارين تي ۽ گهر جي خرچ ۾ ئي پورو ٿي وڃي ٿو مجبوري سبب ٻارن کي مزدوري تي موڪليان ٿو، جيڪڏهن منهنجي معاشي حالت درست هجي ها ته مان پنهنجي جگر جي ٽڪڙن کي اسڪول ضرور پڙهايان ها. هن سنڌ ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته سندن بينظير انڪم سپورٽ يا احساس پروگرام مان مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن ٻچن جو مستقبل تباھ ٿيڻ کان بچي سگهي.

Bookmark the permalink.