تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

لاڙ پٽي ۾ پاڻي بحران ڏينهون ڏينهن زور، شهري ۽ آبادگار سراپا احتجاج، مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي(نمائندن وٽان) لاڙ پٽي ۾ زرعي توڙي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي سگھي آهي، جنهن ڪري شهري توڙي آبادگار سخت پريشان آهن. ان ڏس ۾ ميرپور بٺورو جي گنج بحر ڪئنال مان نڪرندڙ شاخ گھاڙي واھه جي پوڇڙ ۾ پاڻي نه هئڻ خلاف وڏي انگ ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. آبادگار اڳواڻن حاجي سوھو، سيد شمس الزمان شاھ، مٺن جت، ابراهيم وڪو ۽ ٻين چيو ته شاخ گھاڙي واھه جي پوڇڙ ۾ اڃا تائين پاڻي پھچي نه سگهيو آهي، جنهن سبب سارين جو ٻيجارو ۽ ڪمند سميت ٻيا پوکيل فصل سڪي سڙي رھيا آھن، سارين جي پوکائي به نه ڪري سگھيا آهيون، آبادگارن چيو ته لکين رپيا قرض کڻي زمينون کيڙائي تيار ڪرائي ڇڏيون آهن پر پاڻي نه هئڻ جي ڪري لڳي ٿو ته خرچ به ڳچي ۾ پئجي ويندو، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته گھاڙي واھه جي کاٽي ۽ صفائي ڪرائي شاخ جي پوڇڙ تائين پاڻي نه ڏنو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هوڏانهن ٽائون ڪميٽي ڪڍڻ ۾ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي ماتحت ھلندڙ واٽر سپلائي جو ٽرانسفارمر خراب ھئڻ ڪري غير فعال بڻجي ويو، ٽائون جي چئني وارڊن ۾ گذريل پنجن ڏينھن کان واٽر سپلائي جي پاڻي جي فراھمي نه ٿي سگھي، شھري نلڪن تان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن، شھرين عرفان چانڊيو، دلاور خواجا، حاجي حمزو چانڊيو ۽ ٻين چيو ته پنجن ڏينھن کان سموري شھر جو پاڻي بند آھي پر اسان جا چونڊيل نمائندا ۽ لاڳاپيل کاتو اگھور ننڊ ۾ ستل آھن. هنن مطالبو ڪيو تہ لاڳاپيل کاتي کي پابند ڪري سڙيل ٽرانسفارمر جي مرمت ڪرائي واٽر سپلائي جي پاڻي جي فراھمي بحال ڪرائي وڃي. هوڏانهن کورواھ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم ناڪارا ٿي وئي آهي، موٽرون خراب شهر ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ٿي وئي آهي.هتان جي نوجوانن پهنجي اخبار کي ٻڌايو ته هڪ موٽر روزانو ڏھ منٽ هلي ٿي جيڪا شهر کي پاڻي نٿي پهچائي سگھي، جلد واٽرسپلاء کي فعال ڪري شهرين کي پريشان ٿيڻ کان بچايو وڃي. ٻئي پاسي ملڪاڻي شريف ۾ تڪ جي ايم پي اي حسنين مرزا پاران نوٽيس وٺڻ باوجود واٽرفلٽر پلانٽ نه ٺھي سگھيو آهي، جنهن ڪري شھري گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، فلٽر پلانٽ نه ٺهڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو. شهرين چيو آهي ته فلٽرپلانٽ تي پاڻي ڀرڻ لاء لڳل ھوندي آهي، ٽن سالن کان مرمت نه ٿيڻ ڪري ناڪارھ ٿي ويو آهي. اسان گندو پاڻي پيئڻ سبب مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رھيا آهيون پر سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل پبلڪ ھيلٿ کاتو تماشائي بڻيل آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واٽر فلٽر پلانٽ ٺھرائي اسان کي پيئڻ ۽ جيئڻ لاءِ صاف پاڻي مھيا ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.