تازا ترين
  • *ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ *15 ڏينهن دوران ھڪ ٻئي اھلڪار تي ٽارگيٽ ڪلرز جي فائرنگ *ڪورنگي سيڪٽر پنج ۾ اھلڪار اصغر تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي *واقعي جو آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب *
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

لاڙ جي سامونڊي پٽي ۾ ڪارڙي تتر جي نسل ڪشي، شڪاري ڍٻون، دامن ۽ رڇ کڻي پهتل

ميرپور ساڪرو ۽ ڀرپاسي مان ماري تتر پڪڙي سيالڪوٽ، ليه، بهاولپور ۽ چولستان ۾ مهانگي اگهه تي وڪرو ٿيڻ لڳا

مختلف جاين تي شڪاري ڍٻون، دامن ۽ خطرناڪ رڇ ذريعي تتر پڪڙڻ لڳا، بااثر مهمانن جي آئوڀڳت لاءِ به شڪار ڪن ٿا

ميرپور ساڪرو(رپورٽ: صاحب خان ڪلمتي) جڏھن محافظ ئي ماريندڙ نڪرن ته پوء ڇا ڪجي. لاڙ پٽ جي ساحلي ماڳن ۾ ڪارڙي تتر جي نسل ڪشي ٿيڻ لڳي. تترن جو نسل اڻلڀ ٿي ويو ۽ فطري حسن ختم ٿيڻ لڳو. مقامي خفتين وائلڊ لائف کاتي وارن کي ساڻ ڪري ڍٻن، دامن ۽ خطرناڪ رڇن ذريعي تتر پڪڙڻ لاءِ تر تپائي ڇڏيو آهي. ڪجھه وقت اڳ ھنن ماڳن تي ڪارڙا تتر ولر ڪري مٺيون ٻوليون ٻوليندا ھئا پر ھاڻي ماري پنھنجن مڪرن ذريعي اھڙو ته ڪم ڪيو آھي جو ڪارڙو تتر ڳولھڻ سان به نٿو ملي، نه وري ڪا ٻولي ٻڌڻ ۾ ٿي اچي. تر جي خفتين سان گڏ وائلڊ لائف کاتي جا ملازم پڻ شڪار ۾ ڀاڱي ڀائيوار آھن، جيڪي چيٽ ۽ ڪتي ۾ تترن جا پيدا ٿيندڙ ٻچا مارين کان مفت ۾ وٺي پنجاب جي شھرن سيال ڪوٽ، ليه، بھاولپور ۽ چولستان واري علائقن ۾ وڏن اگھن ۾ وڪرو ڪري ڪارو ناڻو ڪمائين ٿا، جڏهن ته ڪڏھن ڪڏهن پنھنجي خوشامند خاطر سڻڀين پوسٽن تي ويٺل ڪامورن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪارڙا تتر تحفي طور ڏيندا آھن ته جيئن سندن نوڪري کي ڪو لوڏو نه اچي. ڪٿي ڪٿي زميندارن جون رکون پڻ رکيل آھن جتي وزير امير به شاھي شڪار ڪري سون جي انگ ۾ تترن کي بندوق جو بک بڻائي ماري پنھنجي بنگلن جا ڊي فريزر ڀري مھينن تائين مھمانن لاءِ رکي ڇڏيندا آھن. اھڙي تيزي جي شڪار کان پوءِ لاڙ پٽ جي ساحلي ماڳن جو فطري حسن ۽ قدرتي حسناڪيون ڏينھون ڏينھن موڪلائي رھيون آھن.

Bookmark the permalink.