تازا ترين
  • ملير:ڪورونا وگهي فوت ٿي ويل صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي*ڳوٺ فقير محمد گڏاپ سٽي ۾ جنازي نماز ادا، سعيد غني، عاجز ڌامراهه سميت ٻيا شريڪ*
  • خانپورمھر ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا ڪورونا جو شڪار، انگ وڌي 35 ٿي ويو*ميرپورماٿيلو:گهوٽڪي ضلعي ۾ وڌيڪ 26 ڄڻا ڪورونا ۾ مبتلا، انگ وڌي 299 ٿي ويو*
  • سکر ۾400 ڄڻن کان ورتل سيمپلز مان 40 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق*
  • ميرپورخاص ۾ وڌيڪ 4 ڄڻا ڪورونا جو شڪار، ضلعي اندر متاثرن جو انگ وڌي 87 ٿي ويو*
  • پنهنجا هُجن يا مخالف، نئين پاڪستان ۾ ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي:شبلي فراز*شهباز شريف قانون کان ڀڄڻ بدران قانون کي منهن ڏئي:وفاقي وزير شبلي فراز جو ٽوئٽ*ن ليگين کي مشورو آهي ته قانون آڏو رڪاوٽون وجهي ڏوهه نه ڪيو وڃي:شبلي فراز*
  • ڪراچي: صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ ڪورونا وگهي فوت*
  • حيدرآباد: سينيٽر مولا بخش چانڊيو سميت 5 گهر ڀاتي ڪورونا ۾مبتلا*مولا بخش چانڊيو، سندس زال ۽ پُٽ سميت 5 ڄڻن کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي*ڪورونا وائرس جي تصديق بعد پاڻ ۽ گهر ڀاتين کي آئسوليٽ ڪيو آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • کنڊ اسڪينڊل تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڊرامو رچايو ويو آهي: مريم اورنگزيب*نيب نيازي ڳٺ جوڙ کان عوام واقف آهي: ن ليگ ترجمان*نيب شهباز شريف کي گرفتار ڪيو ته عوام بني گالا مان عمران خان کي گرفتار ڪندو: مريم اورنگزيب*نيب جون ڪارراويون صرف مخالف ڌر خلاف پيون ٿين: راڻا ثناءُ الله*
  • لاهور: نيب ٽيم شهباز شريف جي گهر مان ناڪام واپس رواني ٿي وئي*
  • لاهور: نيب ٽيم اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي رهائشگاهه ۾ داخل ٿي وئي*لاهور پوليس جي وڏي نفري به شهباز شريف جي گهر ٻاهران موجود*شهباز شريف جي امڪاني گرفتاري جو ٻڌندي ئي نواز ليگ اڳواڻ به پهچي ويا*لاهور: نواز ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو شهباز شريف جي رهائشگاهه آڏو مظاهرو، ڌرڻو*
  • *گمبٽ ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، 21 ڄڻا اسپتال ڀيڙا *گيسٽرو مريضن ۾عورتون، ٻارڙا ۽ نوجوان شامل *
  • *اينٽي ڪرپشن پاران ڊائريڪٽر ايلمينٽري اينڊ سيڪنڊري ڪراچي حامد ڪريم خلاف جاچ شروع *اينٽي ڪرپشن حامد ڪريم کي 3 جون تي سموري رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو *
  • *حيدرآباد: جعلي ڊوميسائل ٺهڻ خلاف نوجوانن جو پريس ڪلب سامهون احتجاج *ڪوڙا ڊوميسائيل رد ڪري ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: مظاهرين *
  • *بدين مان چونڊيل ايم پي اي تاج محمد ملاح جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي*
  • *ڊکڻ :ڳوٺ دڙي جاکري ٻاهران ڪار مان گولي لڳل لاش هٿ *مقتول جي سڃاڻپ اشتياق پٺاڻ ولد نظام الدين پٺاڻ طور ٿي،لاش اسپتال منتقل *

لاڙڪاڻي ۾ گهاڙ واهه ۾ ٻڏي ويل نينگري روبينه جعفري جو لاش هٿ نه آيو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ گهاڙ واهه ۾ ٻڏي ويل 12 ورهين جي نينگري روبينه جعفري جو ٻئي ڏينهن به لاش هٿ نه آيو، واهه مان نينگري جي مڙهه جي ڳولا لاءِ امدادي سرگرميون به شروع نه ٿي سگهيون . وارثن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن کان دانهون ڪري رهيا آهيون ته پاڻي گهٽايو وڃي پر اسان جي ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن جو چوڻ آهي ته مقامي ٽوٻا ۽ انتظاميه پاران نينگري جي ڳولا لاءِ به مدد نه پئي ڪئي وڃي. نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته پنھنجا ماڻھو گهاڙ واھ جي مختلف پُلن تي انتظار ۾ ويھاريا آهن متان لاش پاڻمرادو مٿي نڪري اچي. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ 3 نينگريون واهه ۾ راند ڪندي ٻڏي ويون هيون جن مان خالده ۽ سيٺياڻي جا لاش گذريل رات ڪڍي وارثن حوالي ڪيا ويا.

Bookmark the permalink.