تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

لاڙڪاڻي ۾ گم ڄاڻايل نينگر گهر پهتو، وارثن ۾ سرهائي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي جي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد سميع آباد محلي مان 3 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل 7 ڪلاس جو شاگرد 14 ورھين جو محمد يوسف مگسي جو لاڙڪاڻو پوليس ايس ايس پي مسعود احمد بنگش جي حڪم تي پتو لڳائي ورتو نينگر کي پوليس سيوهڻ مان هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ايس ايچ او علي گوهر آباد جو چوڻ هو ته 3 ڏينهن اڳ علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد سميع آباد محلي جو رهواسي 14 ورهين جو نينگر محمد يوسف پٽ شاهنواز مگسي کي سيوهڻ مان هٿ ڪيو آهي نينگر جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي مرضي سان گهر وارن کي بغير ٻڌائي گهمڻ لاءِ ويو هو. جنهن کي سندس جي چاچي محمد نواز مگسي حوالي ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن نينگر گهر پهچڻ تي سڀ گهر ڀاتين خوشي وچان چنبڙي ويا ياد رهي ته نينگر جي گم ٿيڻ جي خبر پنهنجي اخبار ۾ شايع ٿيڻ کان پوءِ ايس ايس پي مسعود احمد بنگش فوري نوٽيس وٺندي ايس ايچ او علي گوهر آباد کي نينگر جي ڳولا جو حڪم ڏنو ويو جنهن کان پوءِ پوليس نينگر هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.