تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

لاڙڪاڻي ۾ کدڙن فقيرن جو تشدد، جنسي زيادتين ۽ حڪومت پاران تحفظ نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ کدڙن فقيرن طرفان قتل، تشدد، جنسي زيادتين توڙي حڪومتي تحفظ نه ملڻ خلاف هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، جڏهن ته احتجاج ۾ سول سوسائيٽي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ کدڙن فقيرن ڪامي چوڌري، سمرن ڀٽو،نادرا، روميسا، حنا گل، ڪنگنا بلوچ، بيبو، زارا خان، سلميٰ فقير سميت سماجي اڳواڻن سيما مهيشوري وڪيل الله ڏنو گاڏهي، جاويد گوپانگ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کدڙا فقير به انسان آهن ۽ هن ملڪ جا شهري آهن، پر هنن سان هميشه نامناسب رويو اختيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ اندر کدڙن فقيرن کي قتل ڪرڻ، انهن مٿان تشدد ڪرڻ، جنسي زيادتين وارن واقعين ۾ اضافو اچي ويو آهي، جڏهن ته ملوث جوابدارن کي سزائون نه ملڻ سبب کدڙن فقيرن کي انصاف نه پيو ملي، جيڪا صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. هنن چيو ته کدڙن فقيرن جي روزگار فلاح بهبود، حفاظت، تعليم ۽ مالي سهائتا نه ٿيڻ ڪري کدڙا فقير انتهائي تڪليفن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، روزگار نه هجڻ سبب کدڙن فقيرن کي پنائڻ سان گڏ جسم فروشي تي مجبور ڪيو وڃي ٿو، کدڙا فقير انسان جي حيثيت سان هن معاشري جو حصو آهن،کدڙن فقيرن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي حڪومت طرفان ڪجهه به نه ٿو ملي، جڏهن ته اسان لاءِ جيڪي به فنڊ اچن ٿا اهي هڙپ ٿي وڃن ٿا، نه سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي ملن ٿا ۽ نه وري نوڪريون ۽ وظيفا ملي رهيا آهن، اسان کي انسان ئي نه ٿو سمجهيو وڃي. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته سموري ملڪ جي کدڙن فقيرن کي برابري جا حق ڏيڻ سان روزگار ۽ تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.