تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

لاڙڪاڻي ۾ چيمبر آف ڪامرس جي چونڊ، اميدوارن مهم شروع ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي سالياني چونڊن لاءِ اڳوڻي ميئر ۽ پ پ سٽي لاڙڪاڻي جي صدر خير محمد شيخ جو مقابلو سندس ئي ڀاڻج اطهر ارسلان شيخ سان ٿي رهيو آهي، جنهن کان پوءِ ٻنهي اميدوارن طرفان پنهنجي چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. لاڙڪاڻو چيمبر جي چونڊن ۾ هي پهريون ڀيرو آهي جو هڪ ئي خاندان سان واسطو رکندڙ ٻه اميدوار هڪٻئي جي سامهون بيهي چونڊن ۾ مقابلو ڪندا. واضع رهي ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان مبينا طور چيمبر جون چونڊون سليڪيشن جي ذريعي ٿينديون رهيون آهن جنهن ۾ عام رواجي طور تي چونڊون ڪرايون وينديون آهن.

Bookmark the permalink.