تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا جي ايم ايس جي مبينا ڪرپشن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسئيشن پاران چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جي مبينا ڪرپشن ۽ ملازمن سان مبينا زيادتين خلاف ڏهين ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري سول اسپتال جي مُک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي جتي ملازمن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي هٿن ۾ بئنر کڻي ايم ايس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پيرا ميڊيڪل اڳواڻن ضمير سانگي، منور علي منگي، عبدالجبار ناريجو، غلام حسين لانگاهه، غلام مصطفيٰ ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته چانڊڪا اسپتال اڳوڻي وزيراعظم ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي طرفان مليل تحفو آهي جنهن کي ٻاهران گهرايل 19 هين گريڊ جا جونيئر ايم ايس هٿ سان تباهه ڪري رهيو آهي ان خلاف اسين 10 ڏينهن کان او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪري رهيا آهيون پر هن وقت تائين ايم ايس خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي سگهي آهي جنهن ڪري ڏورانهن علائقن مان ايندڙ مريضن جو علاج نه پيو ٿئي ۽ هو دربدر آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ايم ايس جي ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي کيس هٽائي چانڊڪا اسپتال ۾ 20 هين گريڊ جي ايم ايس کي مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت اسان جو احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي احتجاج سبب لاڙڪاڻي شهر، ضلعي سميت بلوچستان جي ڪجهه شهرن مان ايندڙ مريض توڙي سندن جا وارث ڪلاڪن جا ڪلاڪ او پي ڊي ٻاهران انتظار ڪرڻ بعد بغير علاج جي پنهنجا ماڳن ڏانهن روانا ٿي ويا.

Bookmark the permalink.