تازا ترين
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا اسپتال جي ڪورونا آءِ سي يو وارڊ ۾ عورت فوت، وارث مڙهه شهدادڪوٽ کڻائي ويا

فوتي عورت کي ساهه جي تڪليف ھئي، ڪورونا ٽيسٽ کان اڳ هوءَ فوت ٿي وئي:ڊاڪٽر

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا اسپتال جي ڪورونا آءِ سي يو وارڊ ۾ عورت فوت ٿي وئي، 49ورھين جي حاڪم زادي کوکر کي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو هو، ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته فوتي عورت کي ساهه جي تڪليف ھئي، ڪجهه دير ۾ ڪورونا ٽيسٽ لاءِ جزا وٺڻا ھئا پر عورت فوت ٿي وئي. فوتي عورت جي تدفين ايس او پيز تحت ڪرائڻ جو چيو آهي، فوتي عورت جو مڙهه وارث شھدادڪوٽ کڻائي ويا.

Bookmark the permalink.