تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

لاڙڪاڻي ۾ پيپلز بس سروس بند ٿيڻ بعد ڊائيورز ۽ ڪنڊيڪٽرز جو احتجاج

لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ پيپلز بس سروس بند ٿيڻ خلاف ڊرائيورز ۽ ڪنڊيڪٽرز طرفان احٽجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ ڊرائيورن جاويد حسين ڪورائي، محمد حنيف، خدابخش ۽ ٻين چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيپلز بس سروس جو افتتاح 15 آگسٽ تي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي روزگار ڏئي مسافرن کي سهولتون فراهم ڪيون هيون، انتظاميه جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب هڪ مهينو ٿي ويو آهي، هاڻ هلندڙ سڀني روٽن تان بس سروس بند ڪري اسان کي بي روزگار ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته بس سروس ٻيهر بحال ڪئي وڃي.



Bookmark the permalink.