تازا ترين
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

لاڙڪاڻي ۾ پيراميڊيڪل پاران نائين ڏينهن به او پي ڊي جو بائڪاٽ

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسئيشن يونٽ چانڊڪا اسپتال طرفان نائين ڏينهن به چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جي مبينا ڪرپشن ۽ ملازمن سان نامناسب رويو اختيار ڪرڻ خلاف سٽي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري سول اسپتال جي گيٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪري نعريبازي ڪئي وئي. جتي جسقم چيئرمين صنعان قريشي، جسقم ضلعي صدر عزيز شيخ، جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو سميت ٻين شرڪت ڪري پيرا ميڊيڪل عملي جي مڪمل حمايت پڻ ڪئي. ان موقعي تي صنعان قريشي چيو ته اسين پيرا ميڊيڪل عملي جي احتجاج جي حمايت ڪندي کين خاطري ٿا ڪريون ته جسقم جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن هن جدوجهد ۾ گڏ هوندا ۽ اسان جي حمايت جاري رهندي. ٻئي پاسي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي صدر ضمير سانگي، جنرل سيڪريٽري منور منگي، عبدالجبار ناريجو، غلام حسين لانگاهه، غلام مصطفيٰ ڪلهوڙو ۽ ٻين الزام لڳايو ته چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس طرفان ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري ملازمن کي ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري رهيو آهي جنهن عمل جي اسين سخت مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته ايم ايس طرفان احتجاج ڪرڻ تي 12 ملازمن کي ڪراچي رليو ڪري چانڊڪا اسپتال کي پنهنجي جاگير سمجهي هلائي رهيو آهي پر هاڻي اسين ڪنهن به صورت کيس اسپتالن کي جاگيرداري نظام ذريعي هلائڻ نه ڏينداسين. هنن چيو ته صحت کاتي جي سيڪريٽري طرفان جوڙيل جاچ ٽيم آڏو اسين ڪالهه پيش ٿياسين جتي به ايم ايس جي ڪيل ڪرپشن ۽ سندس ظلم جي دانهن ڏني اڄ ٻيهر جاچ ڪاميٽي آڏو پيش ٿينداسين. هنن سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري صحت کي اپيل ڪئي ته ايم ايس جي ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي کيس عهدي تان هٽائي ملازمن جي رليو وارو آرڊر واپس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Bookmark the permalink.