تازا ترين
  • *گمبٽ ۾ بيروزگار نوجوان راشن نه هجڻ ڪري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، 90 سيڪڙو جسم سڙي ويو*
  • *ٿر ۾ معصوم ٻارن تي موت جي راڪاس جا لامارا جاري، وڌيڪ 5 معصوم گلڙا ڪومائجي ويا*
  • *ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ ايراني صدر حسن روحاني پاران عالمي مالياتي اداري کي ايمرجنسي لون جي اپيل * ڪورونا وائرس کي شڪست لاءِ 5 ارب ڊالرز ايمرجنسي لون ڏنو وڃي: ايراني صدر حسن روحاني *
  • *ٽوئٽر جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر جيڪ ڊورسي پاران اثاثن مان هڪ ارب ڊالرز ڪورونا وائرس رليف فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان * ڪورونا وائرس رليف فنڊ لاءِ ڏنل فنڊ ذاتي ملڪيت جو 28سيڪڙو آهي: ٽوئٽر ايگزيڪٽو *
  • *لاهور ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس *چيف سيڪريٽري پنجاب طرفان ڪورونا وائرس ۽ حڪومت طرفان کنيل قدمن جي حوالي سان آگاهي *صدر عارف علوي پاران وائرس متاثرن مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت *
  • *وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت نيشنل ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس *اجلاس ۾ لاڪ ڊائون ۾ 14 اپريل کانپوءِ واڌ يا نرمي سميت اهم معاملن تي غور ويچار *
  • *وزيراعظم جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا جي سپريم ڪورٽ آمد، ڪورونا وائرس بابت بريفنگ *ڪورونا وائرس جي تدارڪ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: ڊاڪٽر ظفر مرزا *جيڪو اندازو لڳايو ويو هو، انهيءَ حساب سان گهٽ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن ۽ فوتگيون به گهٽ ٿيون آهن: ظفر مرزا *
  • *بيمارين بابت ڊيٽا ڏسندڙ عالمي اداري پاران ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ سڄي يورپ کان وڌيڪ فوتگيون ٿيڻ جي اڳڪٿي *آگسٽ تائين سڄي يورپ ۾ برطانيا سڀني کان متاثر ٿيندڙ ملڪ هوندو: انسٽيٽيوٽ فار هيلٿ ميٽرڪس اينڊ اِيويليوئيشن * برطانيا ۾ فوتگيون 40سيڪڙو، 66 هزار تائين پهچڻ جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي * ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ هر ڏينهن 3 هزار ماڻهو موت جو شڪار جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي*
  • *وزيراعظم عمران خان قرضن بابت جاچ ڪندڙ ڪميشن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي * ڪميشن 2008 کان 2018 تائين 24 سئو ارب روپين جي قرضن جي رپورٽ تيار ڪري ورتي: ذريعا *2400 ارب روپين جي قرضن ۾ سنگين بي ضابطگين جو انڪشاف، رپورٽ ايندڙ هفتي وزيراعظم ڏانهن اماڻي ويندي *رپورٽ ۾ 21 ادارن سان لاڳاپيل 250 ماڻهن جي ڪردار نشاندهي سان گڏ ترقياتي منصوبن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ۽ ڪڪ بيڪ جي نشاندهي ڪئي وئي *
  • *ڳڙهي خيري ڀرسان اوڍا ۽ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 4 ڄڻا زخمي*
  • *سانگهڙ ۾ پنهنجي ئي گهر اندر نوجوان کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 17 ڏهاڙا ٿي ويا، اڪثر شهرن ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه به وڌي ويا، پورهيت طبقو شديد پريشان*
  • *ڪورونا وائرس دنيا جي 209 ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، پوري دنيا ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي 4 هزار 72 ٿي ويو*
  • *شور ڪوٽ: مني ٽرڪ بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت *

لاڙڪاڻي ۾ پرڏيهه مان آيل ٻن عورتن سميت 4 ڄڻن کي ڪورونا نه هجڻ جي تصديق: گهر روانا

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پرڏيهه مان آيل چئن ڄڻن کي ڪورونا جي علامت نه ملڻ تي گهر روانو ڪيو ويو، چانڊڪا اسپتال جي ڊينٽل ڪامپليڪس ۾ قائم ڪيل قرنطينه وارڊ ۾ ڪورونا جي شڪ سبب سعودي عرب ۽ ايران کان واپسي تي داخل ڪرايل پيءُ ۽ ڌيءُ سميت 4 ڄڻن کي ٽسيٽ نتيجن ۾ ڪليئر قرار ڏيڻ کانپوءِ گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، آئسوليشن وارڊ جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر رابيل نوناري جو چوڻ آهي ته ڪليئر قرار ڏنل ماڻهن ۾ لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد پاڙي واسي پيءُ ۽ ڌيءَ، جڏهن ته ٻه ڄڻا رتوديرو يج ٻهراڙي سان تعلق رکن ٿا جيڪي ايران کان ڏيھه واپس وريا ھئا، فوڪل پرسن موجب چئني ڄڻن کي احتياط طور 15 ڏينهن آئسوليش وارڊ ۾ رهڻ جي به صلاح ڏني وئي پر هنن انڪار ڪري ڇڏيو.

Bookmark the permalink.