تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

لاڙڪاڻي ۾ ٽن ڄڻن جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي حيدري ٿاڻي جي حد چنا محلا ۾ سال اڳ قتل ٿيل راهگير سميت ٽن ڄڻن جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف وارثن عظمت علي سانگي، ڌڻي بخش سانگي، محمد نواز ۽ نياز حسين سانگي، لياقت علي سانگي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي وارثن جو چوڻ هو ته ڀتو نه ڏيڻ تان جوابدارن عزيز سانگي، بشير سانگي، رميز سانگي، رفيق سانگي، اظهر سانگي، نظير، مظفر، ذوالفقار ۽ سفير سانگي گوليون هڻي اسان جي ٻن وارثن الله ڏنو عرف اياز سانگي ۽ ساجد علي سانگي سميت واٽهڙو حفيظ الله گاد کي قتل ڪيو، حيدري ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس چئن جوابدارن نظير، مظفر، ذوالفقار ۽ سفير سانگي کي گرفتار ڪيو هينئر گرفتار جوابدار جيل ۾ آهن جڏهن ته ٻيا جوابدار آزاد گهمي ٺاهه ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي عرفان علي بلوچ ۽ ايس ايس پي مسعود احمد بنگش کي اپيل ڪئي ته قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.