تازا ترين
  • *ڊکڻ ڀرسان شرپسندن مبينا طور سارين جي ٽن ديرن کي باهه ڏئي ڇڏي، آبادگار پريشان*
  • *ڪوٽڙي: لوڻي ڪوٽ ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي، حيدرآباد واسي 4 ڄڻا زخمي * ڪوٽڙي: زخمين ۾ حيدرآباد جي سبزي منڊي واري علائقي جا رهواسي عباس علي گدي، فرمان علي گدي، عمر علي ۽ شاهد گدي شامل *
  • *سکر: نيب سکر پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش مهر خلاف سرڪاري زمين پنهنجي نالي ڪرائڻ وارن الزامن جي جاچ جو فيصلو ڪري ورتو * سکر: نيب سکر جي اختيارين جاچ شروع ڪرڻ لاءِ نيب چيئرمين کان اجازت گهري ورتي: ذريعا *
  • *لاڙڪاڻي ۾ ڪوچ جو سائيڪل کي ٽڪر، 13 سالن جو معصوم نينگر شهباز پٽ قمرالدين ڀٽو فوت ٿي ويو*
  • * قاضي احمد لڳ 4 ورهين جي معصوم ٻارڙي زاھده ڌيءُ صحبو خان مري شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي *
  • *جيڪب آباد: رستم جي پنهوار ۽ بنگلاڻي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو جيڪب آباد ۾ جرڳو، هڪ خون جا 47 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * جيڪب آباد: بنگلاڻي برادري تي هڪ شخص جو خون ثابت ٿيو، خون بها 15 لک رپيا مقرر ڪئي وئي * جيڪب آباد: بيگناهه قتل جا وڌيڪ 15 لک ۽ لاش جي تذليل جا به 15 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو *
  • *ور شهر: صبح کان گم ٿيل نينگري جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ * ور شهر: معصوم نينگري دعا ولاسيو جو لاش ڪيلي جي فصل مان هٿ آيو، نياڻي کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي: وارث *
  • *ڪراچي: دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين، ڪيس جو مختلف رُخن ۾ جائزو ورتو پيو وڃي: ڪراچي پوليس * ڪراچي: هڪ درجن کان وڌيڪ ماڻهن کان جاچ ڪري ورتي آهي: ڪراچي پوليس جو ترجمان * ڪراچي: شهرين کي اپيل آهي ته ڪيس لاءِ اطلاع هجي ته ويجهو موجود ٿاڻي تي ٻڌائين: بيان *
  • *اسلام آباد: هن سال 104 ماڻهو قتل ۽ 121 اغوا ٿيا: گذريل سال ٻارن سان جنسي زيادتي جا 29 واقعا رجسٽر ٿيا: وفاقي گهرو کاتو * اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ وفاقي گهرو کاتي طرفان ڏوهن بابت انگ اکر پيش ڪيا ويا * اسلام آباد: وفاقي گهرو کاتي طرفان ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر هجڻ جي دعويٰ *
  • *اسلام آباد: بشير ميمڻ کي هٽائڻ وارو مامرو قومي اسيمبلي تائين پهچي ويو: وفاقي سرڪار جواب نه ڏنو*
  • سمجهه ۾ نٿو اچي ته پارليامينٽ جا مامرا عدالت ۾ ڇو ٿا آڻيو ؟ 10 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبرز مقرر ڪريو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*پارليامينٽ کي وڏا اشوز حل ڪرڻا آهن، هي ته ميمبرز جي مقرري آهي، هر ميمبر ڪوشش ڪري ته پارليامينٽ جو معاملو عدالت ۾ حل نه ٿئي*وفاقي سرڪار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين طرفان مهلت جي استدعا: عدالت 10 ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي*
  • وزيراعظم اپوزيشن ليڊر سان ويهڻ لاءِ تيار ئي ناهي (ن ليگ اڳواڻ) ٻئي پارليامينٽ جي بالادستي قائم ڪن: عدالت*
  • نئون چيف اليڪشن ڪمشنر:وزيراعظم3 نالا تجويز ڪري ڇڏيا*عمران خان طرفان تجويز ڪيل نالن ۾ بابر يعقوب، فضل عباس ۽ عارف خان شامل*

لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙي حسنين کي ڪُتن ڏاڙهيو، اُن جي طبيعت ڪيئن آهي (سنڌ هاءِ ڪورٽ) 7-8 ڪُتن کيس ڏاڙهيو: صحت کاتي جو سيڪريٽري

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رولو ڪُتن جي آزار ۽ وئڪسين نه ملڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي

توهان ڪُتن لاءِ هاسٽل پيا ٺاهيو، سٺي ڳالهه آهي، ايترا ماڻهو فُٽ پاٿن تي پيل آهن، اُنهن جو ڇا ٿيندو؟ سڌ هاءِ ڪورٽ جا ڪيس ۾ ريمارڪس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ ڪُتي ڏاڙهيل نينگر (حسنين) جي طبيعت بابت پُڇا ڪندي چيو آهي ته ڪُتن جا هاسٽل ٺاهيا پيا وڃن، سٺي ڳالهه آهي، پر فُٽ پاٿ تي ايترا ماڻهو سُتل آهن؟ اُنهن جو ڇا؟
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رولو ڪُتن جي آزار ۽ اسپتالن ۾ ڪُتي ڏاڙهڻ واري وئڪسين نه ملڻ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪراچي جي ڪلفٽن، فيصل ڪئنٽونمينٽ بورڊز، ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي ملير طرفان رپورٽ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته ڪئنٽونمينٽ بورڊ منهوڙا طرفان رپورٽ جمع نه ڪرائي وئي. ٻڌڻيءَ دوران مڪاني کاتي جي سيڪريٽري عدالت کان مهلت گهري ته پي سي ون جي منظوري لاءِ هڪ مهيني جو وقت گهرجي، جڏهن ته عدالت پُڇيو ته ڇا صوبي ۾ ڪُتي جي ڏاڙهڻ وارن واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي؟ جنهن تي درخواستگذار چيو ته واقعن ۾ گهٽتائي ته ٿي آهي پر سٽي ڪورٽ ۾ به ڪُتا آهن، جنهن جي ڪري سائلن کي پريشاني ٿي رهي آهي.
ٽاسڪ فورس کانپوءِ ڪهڙي اپاءَ ورتا پيا وڃن؟
ٻڌڻيءَ دوران عدالت پُڇيو ته ٽاسڪ فورس ته ٺاهي وئي، هاڻي ڪهڙا اپاءِ ورتا پيا وڃن؟ جنهن تي مڪاني کاتي جي سيڪريٽري عدالت کي آگاهه ڪيو ته گذريل ڏينهن ٽاسڪ فوري جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن تي عدالت پُڇيو ته پهرئين اجلاس ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي؟ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ آگاهه ڪيو ته رولو ڪُتن کي پڪڙڻ لاءِ جديد مڪينزم تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، 192 وٽرنري اسپتال ۽ ڊسپينسريز آهن، جتي ائنٽي ريبيز جي وئڪسين جي فراهمي ۽ نسل ڪشي جي حوالي سان علاج ٿيندو. اسپتالن ۾ ڪُتي جي ڏاڙهڻ واري وئڪسين جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي، پالتو ڪُتن جي حوالي سان به اين جي اوز سان گڏجي قدم کنيا ويندا.
ڪُتن جا هاسٽل پيا ٺاهيو، فُٽ پاٿ تي ماڻهو پيا آهن
مڪاني کاتي جي سيڪريٽري سان مخاطب ٿيندي عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته ڪُتن جا هاسٽل ٺاهي رهيا آهيو، اها سٺي ڳالهه آهي، پر ايترا ماڻهو فُٽ پاٿ تي پيل آهن، اُنهن جو ڇا؟ صحت کاتي جي سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏني ته هڪ ڪُتي کي ريسڪيو ڪيو، جنهن کي پنهنجي مالڪ 3 گوليون هنيو هيون. عدالت پُڇيو ته توهان کي قانونسازي ڪرڻي آهي، اُن ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي؟
لاڙڪاڻي ۾ وئڪسين هئي يا نه؟
ڪُتي ڏاڙهيل ٻارڙي حسنين جي هاڻي طبيعت ڪئين آهي؟
ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي عدالت چيو ته ڪُتي ڏاڙهڻ واري وئڪسين جو اشو آيو آهي، لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙي جو واقعو ٿيو آهي، ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ وئڪسين هئي يا نه هئي؟ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري چيو ته ٻارڙي کي 7-8 ڪُتن ڏاڙهيو آهي، جنهن جو علاج ٿي رهيو آهي. عدالت پُڇيو ته ٻارڙي (حسنين) جي حالت هاڻي خطري کان ٻاهر آهي يا نه؟ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ چيو ته ٻارڙي جو اين آءِ سي ايڇ ۾ علاج ٿي رهيو آهي، انڊس اسپتال ۽ عائشه چندريگر اينيمل شيلٽر جي مدد سان وئڪسينيشن ڪري رهيا آهيون.

Bookmark the permalink.