تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

لاڙڪاڻي ۾ وياجين جي ستايل نوجوان پاران آپگهات جو نوٽيس

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) الاهي بخش ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمن شاھ ۾ وياجين کان تنگ ٿي ڦاهو کائي مبينا خودڪشي ڪندڙ 22 ورهين جي صدام بروهي واري واقعي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش نوٽيس وٺڻ کانپوءِ به الاهي بخش ٿاڻي جي پوليس ڪنهن به وياج خورن خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي جڏنهن ته وياج خورن کان تنگ اچي خودڪشي ڪندڙ هوٽل مزدور صدام بروهي واري واقعي جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو شهيد الاهي بخش ٿاڻي جي ايس ايچ او کي سخت هدايتون جاري ڪري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ايس ايس پي مسعود احمد بنگش چيو آهي ته لاڙڪاڻو پوليس طرفان گذريل ٻن سالن جي عرصي دوران وياج جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي. هن چيو ته صدام بروهي وارو واقعو دل ڏکوئيندڙ آهي ان لاءِ لاڳاپيل وياج خور جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري متاثر خاندان جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ الاهي بخش ٿاڻي جي ايس ايچ او عرس نوناري رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته وارث هن وقت ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نه آيا آھن ان باوجود به فوتي جي کيسي مان نڪتل رسيد ۾ جن ماڻھن جا نالا لکيل انهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آھي

Bookmark the permalink.