تازا ترين
  • صدر جي ڀٽيون:ڳوٺ بودلي مهيسر ۾ پيءُ پاران ڌيءِ کي مبينا طور جوا ۾ هارائڻ جو انڪشاف*ناري ليلم ڪلهوڙو کي جوا ۾ هارائڻ بعد نوجوان مرتضي انڙ سان شادي ڪرائي وئي*منهنجي ڀيڻيوي پنهنجي نياڻي کي جوا ۾ هارائي نوجوان مرتضيٰ انڙ سان پرڻائي ڇڏيو:ناري جو مامو*ناري ليلم ڪلهوڙو کي جلد هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو:پوليس*
  • پي ٽي آءِ وارن جي ڪرپشن بابت سوال اٿاريا،ٽن ڏينهن تائين جواب نه ملي سگهيو آهي:بلاول ڀٽو*عمران خان ۽ سندس فرنٽ مين ڪي اليڪٽرڪ جي ڪرپشن کي تحفظ ڏئي رهيا آهن:بلاول ڀٽو*پريس ڪانفرنس ۾ عمران خان جي ڀيڻ جي ڪرپشن بابت معاملو اٿاريو پر جواب ناهي مليو:بلاول ڀٽو زرداري*عمران خان ۽ سندس وزير بي آر ٽي منصوبي ۾ ٿيل ڪرپشن ۾ ملوث آهن:بلاول ڀٽو زرداري جو ٽوئيٽ*حڪمرانن جي ڪرپشن بابت سوال اٿاريا، پر نيب ۽ عدالتون مڪمل خاموش آهن:بلاول ڀٽو زرداري*مون پريس ڪانفرنس ۾ابراج گروپ جي رپورٽ ڏيکاري پر ان جو جواب ناهي مليو:بلاول*
  • *ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي معصوم ٻارڙن جي مرڻ وارو سلسلو بند نه ٿي سگهيو *سول اسپتال مٺي ۾ اڄ وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت *ٿر ۾ هلندڙ مهيني دوران فوتي ٻارڙن جو انگ 26 ۽ هلندڙ سال505 ٿي ويو*
  • *هالا جي بس اسٽاپ جي علائقي واسين جو حيسڪو زيادتين خلاف احتجاج *هالا: اٺن ڏينهن کان علائقي ۾ بجلي جي نه هجڻ تي علائقي واسي ۽ دڪاندار روڊن تي نڪري آيا *حيسڪو خلاف احتجاج ڪندڙن پاران مين روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيندي روڊ بلاڪ*
  • *ڄامشورو: شورا ڳوٺ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش *سنڌ يونيورسٽي جو عملو ڪم بند ڪرائڻ لاءِ پهتو ته بااثرن حملو ڪيو: مئنيجر اسٽيٽ رفيق بروهي *بااثرن جي حملي ۾ يونيورسٽي جا2 ملازم پيارو ڏاهاڻي ۽ گل محمد ڏاهاڻي تي زخمي ٿي پيا: مئنيجر اسٽيٽ *منهنجو ننڍڙو پٽ گهر ٻاهران بيٺو هو ته رفيق بروهي ۽ سندس گارڊ تشدد ڪيو: رستم جوڻيجو *يونيورسٽي جي زمين تي قبضي خلاف سوٽا ۽ سيوا تنظيمن طرفان احتجاج *
  • *سڪرنڊ: مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جو ايريگيشن آفيس اڳيان احتجاج *احتجاج دوران گرمي سبب هڪ آبادگار بيهوش ٿي ويو، اسپتال منتقل *آبادگارن ايريگيشن آفيسر جي ڪرسي تي پوتي ۽ ٽيبل تي چوڙيون رکي نعريبازي ڪئي *شهباز شاخ، راهب شاهه شاخ ۽ سڪرنڊ شاخ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي: آبادگار *
  • *شاھپورچاڪر: رورل هيلٿ سينٽر ۾ جو هڪ ٻيو ملازم ڪورونا جو شڪار *رورل هيلٿ سينٽر جي ليب اسسٽنٽ جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي، گهر ۾ آئيسوليٽ *شاهپورچاڪر ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو *
  • *دولتپور صفن ۾ رولو ڪتن جو آزار، 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ھڪ ئي 8 ڄڻن کي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪيو، اسپتال منتقل*
  • *ملير: قائد آباد پل تي ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 28 ورهين جي وسيم پٽ ناصر طور ٿي *
  • *جھول ۾ بدامني خلاف ٿاڻي آڏو سول سوسائٽي جو احتجاج *چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *دوڙ تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 150 ٿي ويو: فوڪل پرسن *متاثرن کي پنهنجي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو پيو وڃي: فوڪل پرسن *
  • *نصيرآباد: ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صحت کاتي پاران ماڻهن جا سيمپلز وٺڻ وارو عمل جاري *شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ صحت کاتي جي ٽيم 200کان وڌيڪ ماڻهن جا سيمپلز ورتا *رپورٽس ڪجهه ڏينهن اندر اينديون: صحت کاتو *
  • *سانگهڙ: اينٽي ڪرپشن ٽيم جو يونين ڪائونسل هٿونگو جي آفيس تي ڇاپو *اينٽي ڪرپشن ٽيم يوسي هٿونگو جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو *
  • *ڄام صاحب: ڪورونا جا 4ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *متاثرن ۾ 2 پوليس اھلڪار به شامل *
  • *ننگرپارڪر ويجهو نوجوان جو لاش هٿ *ڳوٺ خانپور ۾21 ورهين جي ھريش پٽ ڪٽيو ڪولھي جو لاش ھٿ *نوجوان کي پيٽ ۾ چاقو لڳل آهي: پوليس *پٽ رات ماني کائي 3 دوستن سان گڏ نڪتو ھو، صبح جو لاش مليو آھي: پيءُ *پٽ کي قتل ڪيو ويو آھي، انصاف ڪيو وڃي: ڪٽيو ڪولھي *

لاڙڪاڻي ۾ هٿ آيل دوائن بابت پوليس جي هلندڙ جاچ ۾ اينٽي ڪرپشن به ٽپو ڏئي ڇڏيو

لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نثار کوکر) لاڙڪاڻي مان سرڪاري دوائون نجي ميڊيڪل اسٽور تي وڪرو ڪرڻ واري معاملي جي جاچ مختلف ادارن لاءِ سوني جهرڪي مثل بڻجي وئي آهي. جنهنڪري پوليس جي هلندڙ جاچ جي باوجود اينٽي ڪرپشن جي اهلڪارن چانڊڪا اسپتال جي مين اسٽور تي ڇاپو هڻي دوائون چيڪ ڪيون ۽ بنا ڪنهن جاچ جي واپس هليا ويا.اينٽي ڪرپشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالستار ڀٽو جي اڳواڻي ۾ اهلڪارن چانڊڪا اسپتال جي مين اسٽور تي ڇاپو هڻي ريڪارڊ چيڪ ڪيو ۽ ڪجهه دير بعد واپس هليا ويا.ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن جا عملدار ميڊيا سان ڳالهائڻ کان لنوائيندا رهيا ۽ جڏهن کائنن پڇيو ويو ته هو ڪهڙي جاچ ڪنهن جي چوڻ يا شڪايت ڪرڻ تي ڪري رهيا آهن ته هو خاموش ٿي ويا ۽ واپس هليا ويا. ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ستار ڀٽو کان جڏهن پڇيو ويو ته هو پوليس جي جاچ هلندي پاڻ به جاچ ڪري سگهن ٿا ته هن صرف نو ڪمينٽس چيو.واضع رهي ته ڊي ايچ او آفيس جون سرڪاري دوائون پرائيويٽ اسٽور تي وڪرو ٿيڻ واري معاملي جي جاچ لاڙڪاڻو پوليس وٽ هلي رهي آهي.لاڙڪاڻو پوليس ان معاملي تي ايس پي هيڊڪوارٽر ڪيلم ملڪ جي اڳواڻي ۾ جي آئي ٽي جوڙي آهي جنهن جو اڃان تائين ڪو به کڙتيل نه نڪري سگهيو آهي.پوليس پاران هڪ وڪيل ۽ هڪ واپاري سميت گرفتار ڪيل ٽي جوابدار جيل حوالي ڪيل آهن.ٻئي پاسي پوليس ڊي ايڇ او آفيس جي دوائن جي چوري واري مامري کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي جنهنڪري چانڊڪا اسپتال جي اسٽور سان لاڳاپيل 6 کان وڌيڪ ملازمن کان پڇاڳاڇا ڪري رهي آهي.پوليس چانڊڪا جي ٽن ملازمن جا فون پاڻ وٽ ضبط ڪري کليل رکيا آهن ته جيئن کين پتو پئي ته اسٽور ملازمن کي ڪير ڪير فون ڪري رهيو آهي.پوليس جي جاچ مان گذري آيل چانڊڪا جي هڪ ملازم ٻڌايو آهي ته پوليس پهريان ته ڏيڍ ڪروڙ جي دوائن جو پڇندي رهي جنهن سان لاتعلقي ڏيکارڻ بعد اي ايس پي سٽي ۽ اي ايس پي يوٽي ماسڪ بابت پڇا ڪئي ۽ چيو ته اسان به ٻن ٻن هزارن جا ماسڪ وٺون ٿا توهان ماسڪ ڇو نٿا ڏيو.جنهن جي جواب ۾ اسٽور عملدار کيس ٻڌايو ته سرڪاري اسٽور تان ماسڪ وٺڻ جو هڪ طريقه ڪار آهي توهان لکت ۾ ليٽر موڪليو اسان ماسڪ ڏياري موڪلينداسين.ان ڏس ۾ جي آئي ٽي جي سربراهه ايس پي هيڊڪوارٽر ڪليم ملڪ چيو آهي ته سرڪاري دوائن جي وڪري واري جاچ شفاف طريقي سان هلي رهي آهي ۽ جلدئي ڪنهن نتيجي تي پهچندي.

Bookmark the permalink.