تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

لاڙڪاڻي ۾ عورت جو ٻارن سميت ڀيڻويي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي نور ڪالوني جي رهواسڻ عورت طرفان معصوم ٻارڙن سان گڏجي بااثرن جي مبينا ڏاڍاين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورت عابده خاتون وڳڻ پنهنجي معصوم ٻارڙن عامر، رابيل، دعا ۽ ٻين سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ منهنجو بااثر ڀيڻيو صديق وڳڻ رات جي وقت بيگناهه گهر ۾ داخل ٿي مون سميت معصوم ٻارڙن مٿان سخت تشدد ڪيو اهڙي واقعي جو ڪيس مان لاڙڪاڻي جي مقامي عدالت ۾ داخل ڪرايو جنهن کان پوءِ ڀيڻيو صديق وڳڻ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مونکي موتمار ڌميڪون ڏئي رهيو آهي جنهن مان مون کي ۽ منهنجي معصوم ٻچن کي جان جو خطرو آهي. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر ڀيڻيو خلاف قانوني ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.