تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

لاڙڪاڻي ۾ صحافي اشفاق سانڊاڻو جي گهر مان ٿيل چوري واپس ڪرائڻ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي

لاڙڪاڻو ( بيورو رپورٽ) اڍائي مهينا اڳ لاڙڪاڻي جي الهھ آباد ٿاڻي جي حد مان صحافي اشفاق سانڊاڻو جي گهر مان ٿيل چوري واپس ڪرائڻ لاءِ اي ايس پي يو ٽي جي اڳواڻي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وئي، صحافين جي وفد ظفر ابڙو ۽ سرڪش سڌايو جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سان ملاقات ڪري صورتحال کان آگاهي ڏني.ايس ايس پي لاڙڪاڻو صحافي جي چوري واپس ڪرائڻ لاءِ اي ايس پي يو ٽي احمد فيصل چوڌري جي اڳواڻي ۾ جي آءِ ٽي قائم ڪئي اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو، جي آءِ ٽي ۾ سي آءِ اي انچارج برڪت ڪورائي، ايس ايچ او الهه آباد عبدالحميد سانگي ۽ ايس ايچ او علي گوهر آباد سجاد ڀٽي کي به شامل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي پاران جي آء ٽي کي 10 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪري چوري واپس ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

Bookmark the permalink.