تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

لاڙڪاڻي ۾ شراب سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪندڙ اي ايس آءِ مٿان ٿاڻي ۾ مبينا تشدد

لاڙڪاڻو (رپورٽ :نادر ابڙو ) نيو بس ٽرمينل پوليس چوڪي جي انچارج اي ايس آءِ اصغر مغيري کي بااثر شخص جي ماڻهن کي شراب سميت گرفتار ڪرڻ مهانگو پئجي ويو، ٿاڻي تي بااثر جو ايس ايچ او جو موجودگي ۾ اي ايس آءِ کي ڪٽڪو، سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ايس ايس پي مسعود بنگش نوٽيس وٺندي اي ايس پي سٽي رضوان طارق کي انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي، ان سلسلي ۾ هڪ وڊيو جاري ڪندي اي ايس آءِ اصغر مغيري ٻڌايو آهي ته آءُ حد جي هڪ هوٽل ڀرسان معمول جي چيڪنگ تي هيس ته ٻن موٽرسائيڪل سوارن کي روڪي انهن کان شراب جون بوتلون هٿ ڪري کين گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو ۽ ايس ايچ او کي سڄي معاملي بابت آگاهي ڏني جنهن دوران هڪ بااثر سياسي ماڻهو پڻ ويٺل هو جنهن مون سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان منهنجي ماڻهن کي ڇو گرفتار ڪيو آهي؟، جنهن تي مون کيس ٻڌايو ته انهن وٽان شراب جون بوتلون هٿ ڪيون آهن ۽ قانون کان ڪير به مٿانهون ناهي ان ڳالهه تان بااثر سياسي ماڻهو ايس ايچ او جي موجودگي ۾ مون کي ڳچيءَ مان وٺي وردي ڦاڙهي ٺونشا ۽ لتون هڻي تذليل ڪئي، جنهن تي ايس ايچ او خاموش هو، جنهن چيو ته توهان نڪري وڃو هي سياسي ماڻهو آهي، ان جي عزت وڌيڪ آهي. اي ايس آءِ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسين چورن ۽ ڌاڙيلن کي گرفتار ڪندا آهيون پر اسان جي عزت ئي ناهي، واقعي کان پوءِ ايس ايچ او جي ٻئي ٿاڻي تي بدلي ٿي پر مون کي شاباسي نه ملي ويتر مون کي پهريان بدلي ڪري بعد ۾ معطل ڪيو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن اهڙن بااثر سياسي ماڻهن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته پوءِ اهي سياسي ماڻهو آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس عملدارن جي به ڳچيءَ ۾ هٿ وجهندا. هن چيو ته منهنجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڪير به ناهي، هتي وڏيرن جي هلندي آهي، ايس ايچ او ۽ ڊي ايس پي بااثر سياسي ماڻهن جي ڪمداري ڪندا آهن، منهنجي 30 سال سروس آهي ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو آءُ هٿ ٻڌي اپيل ٿو ڪريان ۽ الله کي دانهن ٿو ڏيان ته ايس ايچ او ۽ ٻين عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪڏهن انهن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته آءُ سپريم ڪورٽ ويندس ۽ گاسليٽ هاري پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس.

Bookmark the permalink.