تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

لاڙڪاڻي ۾ ايڪتا جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل: شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي گيتن تي رقص: ڌرتي ماءُ کي ڀيٽا پيش

اسڪول ۾ تقريب دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي ويس پائي ٽيبلوز پيش ڪيا

سڀاڻي پنهنجي ايڪتا جو ڏينهن قومي ڪاڄ جيان ملهائڻ جو عزم ورجايو ويو

لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي جي آءِ بي کهڙو اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي، اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي ويس وڳا پائي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڪاليج جي ڊائريڪٽر محمد صالح کهڙو، پرنسپل شازيه ميمڻ، استادن خوشبو سومرو، شاگردن ۽ شاگردياڻين ندا ڪنگو، عامر سولنگي، نجمه سولنگي ۽ ٻين چيو ته سنڌي ميڊيا طرفان پهرين ڊسمبر تي پنهنجي ايڪتا ثقافتي ڏهاڙو جو اعلان ڪيو آهي، اسان هر سال جيان هن سال به آءِ بي کهڙو اسڪول ۾ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي آهي، ڏهاڙي ملهائڻ جو مقصد شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ کي پنهنجي ثقافت بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي، سنڌ جي ثقافت هزارين سال پراڻي ثقافت آهي جنهن جو مثال موهن جو دڙو مان ملي ٿو، سنڌ امڙ اسان جي ماءُ جيان آهي اسان کي پنهنجي سنڌي هجڻ تي فخر آهي، ثقافتي تقريب جي پڄاڻيءَ تي هو جمالو پيش ڪيو ويو جنهن ۾ شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن جهمريون پڻ هنيون.

Bookmark the permalink.