تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

لاڙڪاڻي ڀرسان چنگچي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، ماءُ فوت، پٽ زخمي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي آريجا باءِ پاس تي چنگچي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ ڀنڀو چانڊيو جا رهواسي شبيران چانڊيو ۽ پٽ گلزار چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علائقي واسين چانڊڪا جي ايمرجنسي وارڊ آندو، جتي زخمي عورت شبيران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. جڏهن ته زخمي نوجوان کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي. هوڏانهن آريجا پوليس ڊرائيور کي گرفتار چنگچي تحويل ۾ وٺي ڇڏي.

Bookmark the permalink.