تازا ترين
  • *جيڪب آباد: 8 سال اڳ اغوا ڪيس ۾ 5 سال سزا ٻڌايل جوابدار زبير جکراڻي ضمانت لاءِ عدالت پهتو *عدالت ضمانت جي درخواست رد ڪندي جوابدار زبير جکراڻي کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *جوابدار زبير جکراڻي سميت ٽن جوابدارن خلاف جيڪب آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو *عدالت 6 اپريل 2012 تي جوابدار زبير جکراڻي سميت ٻن کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي*
  • *صدر جي ڀٽيون ويجهو شادي شده عورت کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش *ڳوٺ مور جهٻر واسڻ ناهيدان شيخ کي جوابدارن پاران مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي *مڙس جي غير موجودگي ۾ نثار، هدايت ۽ شمن شيخ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: ناهيدان شيخ*
  • *نيب شهباز شريف خلاف صاف پاڻي ڪمپني انڪوائري بند نه ڪئي آهي: نيب ترجمان *نيب شهباز شريف جي بدعنوانين خلاف ثبوتن جي بيناد تي ريفرنس داخل ڪيا: ترجمان *نيب ڪيسن ۾ رنڊڪون پيدا ڪندڙن کي مشورو آهي ته اهي عدالتي فيصلن جو انتظار ڪن: ترجمان*
  • *االعزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس، نواز شريف جي لنڊن واري رهائشگاهه ٻاهران طلبي جا اشتهار لڳايا ويندا *رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو *طلبي جا اشتهار نواز شريف جي رهائشگاهه ٻاهران چورنگي تي لڳايا وڃن: خط *اشتهار پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاران رهائشگاهه ٻاهران لڳايا وڃن: خط*
  • *لاڙڪاڻي ۾ مبينا تشدد جو نشانو بڻيل اي ايس آءِ اصغر مغيري جو يوٽرن *اصغر مغيري رٽائرمينٽ واري درخواست واپس وٺڻ بعد ڊيوٽي شروع ڪري ڇڏي *رٽائرمينٽ واري درخواست منظور نه ٿيڻ سبب ڊيوٽي شروع ڪئي آهي: اصغر مغيري *اصغر مغيري پاران رٽائرمينٽ بابت ڪا به درخواست ناهي ملي: ايس ايس پي جو پي آر او*
  • *هالاڻي ۾ هاءِ اسڪول جي ٻن شاگردن کي ڪورونا جي تصديق *هاءِ اسڪول ھالاڻي جي110 شاگردن جي ٽيسٽ ڪئي وئي جن مان ٻن جي رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڳوٺ الهڏنو جوڳي واسي ٻن شاگردن کي ڪورونا جي تصديق بعد گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو*
  • *ٺل ويجهو مقتول احمد نوناري جي قتل خلاف هنيل ڌرڻي دوران چڪريون، 3 اهلڪار زخمي* ٺل: مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪرين دوران ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل *ٺل: پوليس جي مقتول احمد نوناري ۽ سعيد ڀٽي جي ڪيس ۾ گهربل 2جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *جوابدار عظمت گهڃو ۽ محمد بخش کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس *
  • * لاهور: احتساب عدالت ۾ رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *حمزه شهباز اوهان کي ڪورونا وائرس آهي؟: عدالت جو سوال *جي ها مونکي ڪورونا وائرس هو، هاڻي طبيعت بهتر آهي: حمزه شهباز جو جواب *عدالت وڪيلن جي هڙتال سبب ٻڌڻي 31 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي*
  • * سپريم ڪورٽ ۾ 25 هين آئيني ترميم خلاف درخواست تي ٻڌڻي *وفاق ۽ ڪي پي حڪومت درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي اعتراض واري ڇڏيا *درخواستگذار کي پهرين درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت دليل ڏيڻا پوندا: ايڊيشنل اٽارني جنرل *آرٽيڪل 17 تحت سياسي حق ۽ بينادي حقن ۾ شمار ٿين ٿا: سپريم ڪورٽ *قبائلي علائقا پنهنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شامل ٿين، انهن جون قربانيون آهن: عدالت*
  • *بلدياتي چونڊن ۾ آزاد اميدوارن کي مخصوس سيٽون نه ڏيڻ وارو معاملو *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ذوالفقار مرزا جي درخواست تي ٻڌڻي *بدين اتحاد، 2015ع ۾آزاد حيثيت سان 4يوسيز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي: درخواستگذر جو وڪيل *مخصوس سيٽون نه ڏيڻ سان يوسيز چونڊيل نمائندن بدران بيوروڪريٽس هلائين پيا: وڪيل *ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ اهو مسئلو ٻيهر سامهون ايندو: وڪيل *عدالت فوري ٻڌڻي لاءِ درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *عدالت ڌرين کي 18نومبر تائين جواب ڏيڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي *قانون موجب مخصوص سيٽون رڳو سياسي جماعت کي کي ڏئي سگهجن ٿيون: اليڪشن ڪميشن *
  • *مدئجي ۾ گذريل ڏينهن پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو *مقتول صديق جلباڻي جي وارثن جلباڻي لاڙي وٽ لاش رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽائرن کي باهيون* پوليس صديق کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، هڪ نوجوان کي به گم ڪيو ويو آهي: وارث*
  • *لاڙڪاڻو: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران چانڊڪا اسپتال جو دورو *لاڙڪاڻو: سيشن جج اقبال حسين ميتلو کي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي پاران بريفنگ ڏني وئي *65بسترن واري ايڇ ڊي يو وارڊ ۾ پوسٽ ڪورونا مريضن لاءِ انتظام ڪيل آهن: ايم ايس چانڊڪا اسپتال *چانڊڪا اسپتال ۾ جديد سهولتون اطمينان بخش آهن، هڙتالون يا مظاهرا نه ٿيڻ گهرجن، سيشن جج *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت نارووال اسپورٽس سٽي ڪيس جي ٻڌڻي *نيب احسن اقبال خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مهلت گهري ورتي *نيب جي جاچ آفيسر اڳڀرائي رپورٽ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *پري ايگزيڪيوٽو بورڊ ۾ ريفرنس پيش ڪيو هو، اڃا منظوري رهيل آهي: جاچ آفيسر*
  • *حيدرآباد ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ ٻيهر واڌ، 24ڪلاڪن دوران 29نوان ڪيس ظاهر *حيدرآباد جي شهري تعلقي ۾ 6،لطيف آباد ۾11۽ قاسم آباد ۾ 12 نوان ڪيس ظاهر *221 ڄڻا گهرن ۾ آئيسوليٽ،7 ڄڻا سول اسپتال ۽ 5 ڄڻا ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل*

لاڙڪاڻي رائيس، دادو ڪينال، گهاڙ ۽ ابڙو واهه جي ڪپرن تان اڏاوتون امڪاني طور ڊاهڻ خلاف ڌرڻو

لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو) عدالتي حڪمن کان پوءِ آبپاشي کاتي پاران لاڙڪاڻي شهر جي رائيس ڪئنال، دادو ڪينال، گهاڙ واھ، ابڙو واھ جي ٻنهي ڪپرن تي سالن گهر اڏي ويٺل سوين رهواسين کي نوٽيس جاري ڪرڻ کان پوءِ رهواسين گهر بچايو تحريڪ جي سڏ تي امڪاني طور گهر ڊاهڻ خلاف لاهوري ريگيوليٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي شهر جي جناح باغ چوڪ وٽ پهتي جتي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ جام ٿي وئي جڏهن ته رهواسين هٿن ۾ بئنر کڻي آبپاشي کاتي ضلعي ۽ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي گهر بچايو تحريڪ جي اڳواڻن ۽ رهواسين ڊاڪٽر ذوالفقار چانڊيو، محمد قاسم چانڊيو، شفيق چانڊيو، لال جان لاشاري، محمد مٺل جوڻيجو، اختيار علي کرل ۽ ٻين چيو ته اسين ڪيترن ئي سالن کان وٺي رائيس ڪئنال جي ٻنهي ڪپرن تي رهائش اختيار ڪري ويٺا آهيون ۽ سمورن رهواسين وٽ روينيو رڪارڊ پڻ موجود آهي پر ان جي باوجود آبپاشي کاتي طرفان مسلسل ٻئي ڀيري رهواسين کي بي گهر بڻائڻ جي لاءِ عدالت ۾ غلط بياني ڪري اسان سان زيادتي ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته اسان وٽ 1923 کان 1932 تائين ٺهندڙ رائيٽ بئنڪ ڪئنالن کير ٿر، دادو ۽ رائيس ڪئنال جي حد بندي ۽ ماپ لکت ۾ ثبوت طور موجود آهن جڏهن ته سال 2016 ۾ مختيار ڪار لاڙڪاڻو رائيس ڪئنال جي ٻنهي ڪپرن جي گهرن کي ديهه، تپو ۽ تعلقو لاڙڪاڻي ۾ ڄاڻايو ويو آهي پر سال 2018 ۽ 17 ۾ گهر ڪچي آباديءَ ۾ لکت ۾ ڄاڻايو ويون آهن. هنن چيو ته نئوديرو وٽان نقشي ۾ ٽاپ کان ٽاپ ماپ 256 فوٽ ۽ بيڊ ماپ 232.5 فوٽ 1932 جي نقشي موجب ڏيکاريل آهي جڏهن ته آبپاشي عملدارن سروي وارن کي غلط بياني ڪندي رائيس ڪئنال جي ٻنهي پاسي جي ماپ 500 فوٽن جا نشان لڳائي ويا آهن جنھن ڪري ٻنهي پاسن کان ورهين کان رهندڙ رهواسين ۾ بي چيني پکيڙيل آهي اسين پنهنجي گهرن کي بچائڻ جي لاءِ 2016 کان جلسا، جلوس ۽ ڌرڻا هڻي حڪمرانن جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر هن وقت تائين اسان کي انصاف ڪو نه ملي سگهيو آهي. رهواسين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته رائيس ڪئنال جي ٻنهي ڪپرن تي رهائش اختيار ڪندڙ رهواسين جي گهرن کي ڊاهڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Bookmark the permalink.