تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ قمبر واسي مريض علاج دوران فوت: ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

لاڙڪاڻو (رپورٽر) چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قمبر واسي احمد شاهه بخاري علاج دوران فوت ٿي ويو. مريض جي وارثن پاران ڊاڪٽرن تي مبينا غفلت جو الزام لڳايو آهي. فوتي جي وارثن موجب مريض کي علاج لاءِ اسپتال آندو ته ڊاڪٽرن کيس انجيڪشن لڳائي جنهن بعد هو فوت ٿي ويو. هنن صحت کاتي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري سندن انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.