تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

لاڙڪاڻي جي يوسي 11 ۾ گندگي جو آزار، ناليون اٿلي پيو، انتظاميا شڪايتن جو نوٽيس نه ورتو

نالين جو پاڻي رستن تي بيٺل آهي، عيد ڏهاڙي ماڻهو ڏکيائين کي منهن ڏيندا، ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي: شهري

ڊرينيج سسٽم پراڻو هجڻ ڪري گندگي وڌي آھي، پاڻي نيڪال ڪرائي بي چيني ختم ڪئي وڃي: مطالبو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي جي يو سي 11 ۾ گندگي جو آزار گهٽجي نه سگهيو ،نالين جو گندو پاڻي تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو،ميونسپل انتظاميا کي شڪايتن باوجود ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهي، رهواسين نالين جي گندي پاڻيءَ مان بدبو اٿڻ تي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن ان حوالي سان يو سي 11 جي رهواسين محرم علي سانگي ، انيس چنا، ارشد علي بخاري، مسعود ڪلهوڙو، اشفاق احمد ڪلهوڙو علي رضا سانگي سميت ٻين دانهيندي چيو ته اسان وٽ يو سي ۾ گندگي جو آزار وڌي ويو آهي جنهن جي ڪري نالين جي گندو پاڻيءَ رستن تي نڪري آيو آهي.قرباني واري عيد تي ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي اچ وڃ ۾ سخت پريشانين کي منهن ڏسڻو پوندو. هتي گندي پاڻي جي بيهجي وڃڻ ڪري بدبو اٿڻ لڳي آهي جنهن ڪري ساهه ٻوساٽجڻ سبب مختلف بيمارين جو خدشو آهي. اهڙيون شڪايتون ڪيترائي ئي ڀيرا ذميوارن کي ڪيون آهن ڪيتري ئي عرصي کان پوءِ به ذميوار صفائي عملو توڙي يوسي چيئرمين غائب آهي.هن وقت اسان گندگي سبب سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون.هنن وڌيڪ چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي ڊرينج سسٽم پراڻو هجڻ ڪري گندگي وڌي وئي آھي جنهن ڪري اسان هتي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون. جڏهن ته هتي پاڻي ڪڍڻ واري موٽر مشينن به نٿي هلائي وڃي جنهن سبب گندو پاڻي وڌي تلاءُ بڻجي ويو آهي. پاڻي گهرن کي به نقصان ڏئي رهيو آهي. هنن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري نوٽيس وٺي يو سي 11 جي گندي پاڻي کي نيڪال ڪرائي صفائي ڪرائي ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.