تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

لاڙڪاڻي جي زرعي بئنڪ تي ڇاپو: جعلسازي ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو (رپورٽر) اينٽي ڪرپشن قمبر جي ٽيم جي لاڙڪاڻي جي زرعي بينڪ ڀرسان ڪارروائي، جعلسازي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار، اينٽي ڪرپشن ٽيم سرڪل آفيسر اقبال حيدر کوکر جي اڳواڻي ۾ ڳجهي اطلاع تي لاڙڪاڻي جي زرعي بينڪ ڀرسان جعلسازي جي مختلف ڪيسن ۾ گهربل روپوش جوابدار ٺل جي رھواسي محمد ايوب بنگلاڻي کي گرفتار ڪري ورتو، سرڪل آفيسر اقبال حيدر کوکر ٻڌايو ته جوابدار ايوب بنگلاڻي نوڪرين جا جعلي آرڊر ڏيندو ھو، سندس جي قبضي مان مختلف آفيسرن جون مھرون، خالي چيڪ بوڪ، مختلف ماڻھن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻيا ڪاغذات ھٿ آيا آهن.

Bookmark the permalink.