تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

لاڙڪاڻي جي الله واري اوور هيڊ برج ۾ ڏار پوڻ بعد انتظاميا ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻو (رپورٽ:شاهه محمد لاشاري ) سنڌ تي 13 سال حڪمراني ڪندڙ پيپلز پارٽي جو ڳڙه لاڙڪاڻو شهر لاوارث بڻجي ويو شهر جي سونهن ۽ 3 روڊن کي ملائيندڙ الھ واري اوور هيڊ برج ۾ ڏار پئجي ويا، ضلعي انتظاميه جهريل پل جي خبر پنهنجي اخبار ۾ شايع ٿيڻ بعد ميار لاهڻ خاطر پل بند ڪرائي ماٺ ڪري ويهي رهي، پل عام ٽريفڪ لاءِ بند ٿيڻ کان پوءِ لائبريري روڊ، اسٽيشن روڊ ،باقراڻي روڊ سميت ٻن روڊن تي ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول بڻجي وئي آهي، پل عام ٽريفڪ بند هجڻ سبب علائقي واسين مريضن کي اسپتال منتقل ڪندي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهن. پر انتظاميه پل جي مرمت ڪرائڻ ضروري ناهي سمجهي، هوڏانهن سرڪار جي سستي ۽چونڊيل نمائيندن جي بي ڌياني سبب شهر ڏينهن وڏينهن گندگي جي ور چڙهي ويو، روڊ نالين جي بيٺل گندي پاڻيءَ جي ڪري کنڊر بڻجندو پيو وڃي، شهر جو ڊرينج نظام ناڪارا هجڻ ڪري مسلسل گندو پاڻي بيهڻ سبب مراد واهڻ روڊ، پراڻو بس اسٽينڊ روڊ، ليڊيز جيل روڊ ،سميت ڪيترائي روڊ هنڌان هنڌان اکڙي تباھ ٿي ويا آهن جڏهن ته شهرين کي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل پارڪن به پنهنجي سونهن وڃائي چڪا آهن جناح باغ ۾ لڳل جهولا ڪيتري ئي عرصي کان ڀڳل ۽ ٽٽل آهن جنهن ڪري ٻارڙا تفريح کان محروم بڻيل آهن جيڪي واٽر پارڪن جو رخ ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن. ان سلسلي ۾ شهر جي سڄاڻ ڌرين وسيم احمد، سهيل احمد، شاهنواز علي، وهاب علي، شوڪت علي سميت ٻين ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻي کي حڪمرانن کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي ڪا بنيادي سهولت ميسر ناهي ڪئي وئي جنهن جي ڪري رهواسي مشڪلاتن جو شڪار بڻيل آهن هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اور هيڊ برج جي مرمت ڪرائي ان کي عام ٽريفڪ لاءِ کوليو وڃي ۽ روڊ رستا تعمير ڪرائي پارڪن جي به مالڪي ڪئي وڃي.هوڏانهن ان حوالي سان اي سي احمد علي سومرو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته تازو ڪجهه ڏينهن اڳ نئو مقرر ڪيل لاڙڪاڻو ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور پاران اوور هيڊ برج جو دورو ڪيو جتي پل جي وچ واري پاسي کان ٺيڪ ڏارن بابت ڄاڻ ورتي آهي جنهن جو مرمتي ڪم جلد ڪرائي پل عام ٽريفڪ لاءِ جلد کولي شهرين کي رليف فراهم ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.