تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

لاڙڪاڻي جي اسپتال مان مريض عورت کي ڌڪا ڏئي ڪڍڻ جو الزام، انصاف جي گهر

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) خضدار واسڻ صفوران کوسو کي وارث بيماري سبب گذريل رات چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن پاران عورت جو علاج ڪرڻ بدران رات دير سان کين ايمرجنسي وارڊ ۾ زبردستي ڪڍي ڇڏيو جڏهن ته عورت مريض جي وارثن ڊاڪٽرن مٿان پئسا وٺڻ ۽ عورت کي سوئي هڻي قتل ڪرڻ جا الزام لڳائيندي احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو. ان موقعي تي بيمار عورت جي مڙس علي حيدر کوسو ٻڌايو ته اسين خضدار بلوچستان جا رهواسي آهيون گذريل رات نائين وڳي گهر واري صفوران جي طبيعت خراب ٿي جنهن کي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو. هن الزام لڳايو ته ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊاڪٽرن علاج لاءِ 2200 رپيا ورتا ۽ 2000 رپين جون دوائون خريد ڪرڻ جو چيو جنهن تي اسين دوائون پڻ خريد ڪيون ان بعد گهر واري کي زبردستي وارڊ مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي اسان جي پڇاڻي تي ڊاڪٽرن گهر واري کي زهر جي انجيڪشن لڳائي کيس قتل جون ڌمڪيون ڏنيون جنهن تي اسين مجبور ٿي وارڊ مان ٻاهر آياسين ۽ سڄي رات اسپتال ٻاهران گذاري آهي. هن سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته پئسا وٺندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري گهر واري کي بهتر علاج ڏئي سندس جي حياتي بچائي وڃي.ان سلسلي ۾ ايمرجنسي وارڊ جي آر ايم او ڊاڪٽر ارشاد دايو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان تي لڳايل الزام بي بنياد آھن اسان سڄي رات اسپتال ۾ ڊيوٽي تي موجود هئاسين اهڙو ڪو مريض نه هيو جنهن کي عملي ٻاهر ڪڍيو هجي نه ئي ڪنهن مريض جي وارث ڪا شڪائت ڪئي هئي جيڪڏنهن اسپتال جي ڪنهن عملي مان ڪنهن کي شڪايت آھي ته لکت ۾ ايم ايس کي درخواست ڏيندو ته اهڙي معاملي جي جاچ ڪئي ويندي

Bookmark the permalink.