تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

لاڙڪاڻي جي آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل شاگردياڻي نمرتا چنداڻي کي هڪ ورهيه وهامي ويو: شاگردن پاران ڪاليج اڳيان ڀيٽا پيش

نمرتا چنداڻي ذهين شاگردياڻي هئڻ سان گڏ سماجي ڪارڪن هئي: ڪاليج جا شاگرد

شاگردن آخري سال جي شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جي تصوير اڳيان گل رکي ڀيٽا پيش ڪئي

لاڙڪاڻو ( رپورٽر) لاڙڪاڻي جي بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ هڪ سال اڳ پراسرار نموني فوت ٿيل گهوٽڪي ضلعي جي ميرپور ماٿيلو واسڻ ۽ بي ڊي ايس جي آخري سال جي شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جي وڇوڙي کي سال مڪمل ٿي ويو. ڊينٽل ڪاليج جي شاگردن پاران ڊينٽل ڪاليج ڀرسان سندس جي تصويرن اڳيان گل رکي نمرتا چنداڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ هو ته نمرتا چنداڻي انتهائي ذهين شاگردياڻي هئڻ سان گڏ سماجي ڪارڪن هئي جنهن هميشه غريب ٻارن کي تعليم ڏيارڻ پئي چاهيو سندس جي وڇوڙي کي سال مڪمل ٿي پيو آهي پر ائين ٿو لڳي ته نمرتا چنداڻي اڄ به سندن گڏ آهي. هنن چيو ته نمرتا واري واقعي تي نه صرف سندس گهر ڀاتي، مٽ مائٽ پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جو هر شاگرد ۽ شاگردياڻي ڏک ۾ مبتلا هو اڄ سندس جي وڇوڙي جي ڏهاڙي تي کيس ياد ڪري رهيا آهيون.

Bookmark the permalink.