تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

لاڙڪاڻي اسپتال ۾ ناري فوت، وارثن جو ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) باڊهه شهر جي رهواسڻ 15 ورهين جي نينگري نبول ڌيءُ حافظ الھڏنو ساريو کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ داخل پئي ڪرايو جتي رستي ۾ نينگري تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي جنهن بعد نينگري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي وارثن نينگري جي لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا جن ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت ۽ لاپرواهي خلاف احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو. ان موقعي تي فوتي نينگري جي ڀائرن عبدالغفور ۽ نالي مٺو ساريو ٻڌايو ته اسان جي ڀيڻ ڇاتي جي تڪيلف ۾ مبتلا هئي جنهن کي چانڊڪا اسپتال جي سرجري وارڊ ۾ داخل ڪرايو. هنن الزام لڳايو ته ڊاڪٽرن علاج ڏيڻ بجاءِ ڀيڻ کي خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪرائڻ جو مشورو ڏنو جنهن تي اسين کيس کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ آندو جتي هو رستي ۾ فوت ٿي وئي آهي. هوڏانهن ان سلسلي ۾ ڊيوٽي ڊاڪٽر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان تي لڳايل الزام بي بنياد آهن ناري اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي چڪي هئي جنهن کانپوءِ اسپتال آندو ويو هو .

Bookmark the permalink.