تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

لاڙڪاڻو ۾ وڪيل جي قتل ڪيس جو ٻن سالن کانپوءِ فيصلو: 3 ڏوهارين کي عمر قيد جي سزا: هڪ جوابدار آجو قرار

وڪيل نياز حسين کهاوڙ کي 2017ع ۾ اسڪول گهرائي قتل ڪيو ويو هو

ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ٽنهي ڏوهارين کي 2-2 لک رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي

لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ وڪيل جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن ڏوهارين کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ۾ وڪيل نياز حسين کهاوڙ جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس جوابدارن کي پيش ڪيو. عدالت ٻڌڻي بعد فيصلو ڏنو ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت جوابدار صدام، راجا عرف طارق اوڍاڻو ۽ حبدار علي کهڙو کي عمر قيد سان گڏ 2-2 لک رُپيا ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار کي الزامن کان آجو قرار ڏئي بري ڪيو ويو آهي. ڍ
واضح رهي ته وڪيل نياز حسين کهاوڙ نظر پاڙي جو رهواسي آهي، کيس 2017ع ۾ شيخ زيد ڪالوني جي هڪ اسڪول ۾ گهرائي قتل ڪيو ويو هو. مقتول جي والد غلام نبي کهاوڙ جي فرياد تي چئن جوابدارن خلاف رحمتپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.



Bookmark the permalink.