تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

لاڙڪاڻو: گهاڙ واهه مان نينگر هٿ نه آيو، گهر ۾ روڄ راڙو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد گهاڙ واهه ۾ وهنجندي شيخ زيد ڪالوني واسي 7 ورهين جو نينگر شهزاد پٽ جاويد شيخ ٻڏي ويو، اطلاع تي نينگر جي وارث عورتن، مردن وڏي انگ ۾ گهاڙ واهه جي ڪڙ تي پهچي پاڪ ڪتاب جو ورد ڪري روئيندا رهيا. ان موقعي تي ٻڏي ويل نينگر جي ناني سيما خاتون صحافين کي ٻڌايو ته گذريل آچر جي ڏينهن شهزاد گهاڙ واهه ۾ وهنجڻ لاءِ ويو جتي هو ٻڏي ويو اهڙو اطلاع اسان حد جي پوليس ۽ ٻين عملدارن کي ڏنو پر ڪنهن به اسان جي مدد نه ڪئي جنهن ڪري اسان مجبور ٿي پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽوٻن کي گهرائي لاش جي ڳولا ڪري رهيا آهيون. هنن ضلعي انتظاميا کي اپيل ڪئي ته لاش جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين ٻڏي ويل نينگر جي لاش جو ڳولا جاري هئي

Bookmark the permalink.