تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال جو جنريٽر 4 سالن کان خراب: لوڊشيڊنگ دوران ڪاروهنوار ٺپ

اسپتال جوپراڻوجنريٽر4سالن کان خراب،مرمت نه ٿي،انسينريٽرمشين به هڪ سال کان اس۾سڙڻ لڳي

6 کان 8 ڪلاڪ بجلي لوڊشيڊنگ دوران اسپتال جو ڪم ڪار ٺپ ٿي وڃي ٿو، مريضن کي سخت پريشانيون

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) اتر سنڌ جي وڏي چانڊڪا اسپتال ۾ 4 سالن کان جنريٽر خراب، صفائي جا انتظام اڻپورا ۽ انسينريٽر مشين به هڪ سال اس تي سڙڻ لڳي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي سڀ کان وڏي چانڊڪا جي سول اسپتال سميت ڪيترن ئي شعبن جي عمارتن کي بجلي جي فراهمي ڪندڙ جنريٽر 4 سالن کان خراب پيل آهي، انتظاميه هن وقت تائين جنريٽر جي مرمت ڪرائڻ جي زحمت ناهي ڪئي. جنهن سبب 6 کان 8 ڪلاڪ بجلي بند هئڻ ڪري سڄي اسپتال جو ڪم ڪار ٺپ بڻجي ويو آهي. بجلي نه هئڻ سبب اسپتال ايندڙ مريض ڪيترائي ڪلاڪ انتظار کانپوءِ ايڪسري ۽ الٽرا سائونڊ ۽ ٻيو ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ نجي سينٽرن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته انسينريٽر خراب هئڻ سبب گند ڪچرو به وڌي ويو آهي. مريضن جي وارثن سبحان ڪٽبر، شعيب شيخ، قادر بخش سومرو، رياض مشوري، اختر جانوري ۽ ٻين چيو ته اسان ايمرجنسي ۾ اچون ٿا، بجلي بند هئڻ سبب ايڪسري ۽ ٻيون ٽيسٽون ڪرائڻ ۾ تمام گهڻي دير ٿئي ٿي. هنن چيو ته پراڻو جنريٽر خراب آهي، ٻيو ايمرجنسي جنريٽر موجود هئڻ باوجود اهو نٿو هلايو وڃي. هنن چيو ته سنڌ سرڪار کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اسپتال م جرنيٽر ۽ بجلي جو ڪم ڪندڙ ملازم يوسف مسيح “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته هي اسپتال جو پراڻو جنريٽر آهي جيڪو گذريل 4 سالن کان خراب آهي. هاڻي ايمرجنسي لاءِ نيرو وارڊ کي ڌار جنريٽر آهي جيڪو في ڪلاڪ ۾ 8 لٽر تيل کائيندو آهي، جڏهن ته ٻيو جنريٽر جيڪو ڪجهه ڏينهن کان خراب آهي، اهو ڪلاڪ ۾ 15 ليٽر تيل کائيندو آهي. هوڏانهن ايم ايس محمد شريف پنهور ٻڌايو ته اينسرينٽر مشين لڳرائڻ لاءِ حددخليون هٽايون آهن، جلد مشين لڳائي ويندي. هن چيو ته نئون جنريٽر بجلي جو پورائو ڪري ٿو، ان ڪري پراڻي جنريٽر کي مرمت نٿا ڪرايون.

Bookmark the permalink.