تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

لاڙڪاڻو جي چانڊڪا اسپتال ۾ پي ايم اي جي احتجاج دوران عملي ۽ اي ايم ايس ۾ منهن ماري، هڪ ٻئي کي داٻا توڙي گار گند

انتظاميا ۽ پئراميڊيڪل اسٽاف وچ ۾تڪرار هزارين مريضن کي رولي ڇڏيو، اعليٰ اختياريون خاموش

ايم ايس جي هدايت تي مريضن کي دوائون ڏيڻ لاءِ پهتس ته ملازمن بدتميزي ڪئي: اي ايم ايس

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو جي چانڊڪا اسپتال ۾ پئراميڊيڪل اسٽاف جي احتجاج دوران عملي ۽ اي ايم ايس ۾ منهن ماري، احتجاجي ڪئمپ ڊاهڻ تان ملازمن ۽ اي ايم ايس جا هڪ ٻئي کي داٻا توڙي گار گند، پئراميڊيڪل اسٽاف او پي ڊي، ليبارٽري، سينٽرل اسٽور ۽ ايم آر آءِ اسڪين مشين جي شعبي کي تالا هڻي ڇڏيا، مختلف شهرن کان علاج ۽ دوال لاءِ پهتل مريض دربدر، انتظاميا ۽ پئراميڊيڪل اسٽاف وچ ۾تڪرار هزارين مريضن کي رولي ڇڏيو، اي ايم ايس جو چوڻ آهي ته ايم ايس جي هدايت تي مريضن کي دوائون ڏيڻ لاءِ پهتس ته احتجاج ڪندڙ ملازمن بدتميزي ڪئي، صحت کاتي چانڊڪا ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري تڪرار ۽ مريضن جي دربدر ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس نه ورتو..

Bookmark the permalink.