تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

لاڙڪاڻو، رتوديرو ۽ نئون ديرو ۾ سيپڪو ملازمن جا مظاهرا

لاڙڪاڻو/رتوديرو/ نئون ديرو (نمائندن وٽان) آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرس يونين جي سڏ تي رُورل ڊويزن جي ڇهن ملازمن کي جبري رٽائر ڪرڻ ۽ ڇهن ملازمن جي سروس گهٽائڻ خلاف لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن جي سيپڪو ملازمن پاران ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج رڪارڊ ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ زونل عهديدارن جو اجلاس ليبر هال لاڙڪاڻي ۾ ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي ريجنل چيئرمين نثاراحمد شيخ، عبدالله سومرو، هاشم گاد، علي محمد جتوئي، نظام ٻگهيو، خالد سومرو، محمود پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته انجنيئر مشتاق بڙدي طرفان ملازمن کي جبري رٽائر ۽ سروس گهٽائڻ واري عمل کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويندو ان لاءِ قانوني ماهرن سان صلاح مشورا جاري آهن جڏهن ته مٿين آفيسرن کي به اپيلون ڪيون پيو وڃن. ان کان سواءِ واسطيدار آفيسن ۾ ڪم بند ڪرڻ واري حڪمت عملي کي به آزمايو ويندو ۽ هر محاذ تي مزدورن جو دفاع ڪنداسين ۽ نجڪاري خلاف مزاحمت اڳي به ڪئي هئي ۽ هاڻي به تيار آهيون. هوڏانهن نئون ديرو ۾ انتظارهيسباڻي، عبدالوحيد، محمد شعبان پنهور، محمد ياسين لاشاري، ديدارڀٽو، مشتاق راهوجو، صفدرميراڻي ۽ عيسي’ چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاج ڪيو ويو، ٻئي طرف سيپڪو رتوديرو جي جبري برطرف ۽ رٽائرڊ ملازمن جي بحالي لاءِ هائيڊرو يونين پاران ملازمن جو احتجاج جاري رهيو، ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو آفيس رتوديرو آڏو ڌرڻو پڻ هڻي ويهي رهيا ، ٻئي طرف احتجاج ڪندڙ ملازمن سان يڪجهتي طور جسقم چيئرمين صنعان قريشي احتجاج واري هنڌ پهتو ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ، سيپڪو ملازمن کي بنا ڪنهن سبب جي جبري برطرف ۽ رٽائر ڪرڻ واري عمل جي جسقم سخت مذمت ڪري ٿي ، هن چيو ته ملازمن کي بي روزگار ڪرڻ انهن جو معاشي قتل ڪرڻ برابر آهي اسان ملازمن سان هر سهڪار ڪندا سين ۽ گهر ٿا ڪيون ته ملازمن کي بحال ڪيو وڃي

Bookmark the permalink.