تازا ترين
  • *سرهاڙي پوليس پاران عدالتي حڪم تحت ڳوٺ ڪشو مري تي ڇاپو هڻي ڀيل برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو*
  • ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران شهباز قلندر، شاھ عبدالطيف ڀٽائي ۽ عبدالله شاھ غازي جون درگاهون کولڻ وارو فيصلو واپس*ڪراچي: اوقاف کاتي جي اختيارين سميت سنڌ سرڪار مجموعي طور تي 80 درگاهون کولڻ بابت فيصلو نه ڪري سگھي*
  • درگاهه قلندر لال شهباز کي اڍائي مهينن کانپوءِ کولڻ جون تياريون مڪمل، مزار جي صفائي ڪئي وئي*قلندر لال شهباز جي مزار سڀاڻي صبح 6 وڳي کان زائرين لاءِ کولي ويندي، شام 6 وڳي مزار جا در بند ٿي ويندا*سيوهڻ: قلندر جي نگريءَ ۾ ايندڙ زائرين لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي آهي: اوقاف کاتي جو چيف ايڊمنسٽريٽر*
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن معصوم ٻارڙي سميت3ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *رولو ڪتن 5 ورھين جي ھرديش ڪمار، عاشق حسين ۽ سوائي کي ڏاڙهي زخمي ڪيو *زخمين کي سول اسپتال مان ويڪسين ڪرڻ بعد گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو*
  • *نواب ولي محمد ويجهو بجلي جي تارن مان چوپائي مال جي واڙي کي باهه لڳي وئي *ڳوٺ خدا بخش لاشاري ۾ باهه سبب 50 مڻ بهه سڙي ويو *فائر برگيڊ عملي باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان کي بچائي ورتو*
  • *سيراڻي ويجهو نوجوان ٿريشر جي پٽي ۾ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ فريد چانگ ۾ اسلم چانگ ٿريشر جي پٽي ۾ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو*
  • *نوابشاهه ۾ گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف ٽرانسپورٽ اڳواڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو *گاڏين جا ٽائر بيهڻ سبب سڙي ويا، لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: اڳواڻ *سڀاڻي تائين گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملي ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين: اڳواڻ *
  • *دادو ۾ گيسٽرو وگهي عورتن، ۽ ٻارڙن سميت 30 ڄڻا اسپتال ڀيڙا *اسپتال ۾ جنريٽر کي باهه لڳڻ سبب داخل مريضن کي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو*
  • *جاتي: 12 ڏينهن اڳ سم نالي مليل پوليو ورڪر افضل جت جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي * افضل جت جي قتل ڪيس ۾ شڪ جي بنياد تي 7 ڄڻا گرفتار، پڇاڳاڇا جاري*
  • *انجڻ جي رن وي تي لڳڻ جا اطلاع پائلٽ کي نه ڏيڻ هڪ سواليه نشان آهي: پالپا ترجمان*
  • *جهاز حادثي جي جاچ کي غلط رنگ ڏئي اصل ڪردارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: پالپا*
  • *نوابشاهه ۾ گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف ٽرانسپورٽ اڳواڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو *گاڏين جا ٽائر بيهڻ سبب سڙي ويا، لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: اڳواڻ *سڀاڻي تائين گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملي ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين: اڳواڻ*
  • *مقصودو رند ويجهو روڊ حادثي جي زخمي دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 2 ٿي ويو* عيد رات ٻن موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر دوران خادم مڱريپوٽو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿيا هئا* زخمين مان مختيار رند نوابشاهه جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو*
  • *ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو اچي نه سگهيو، وڌيڪ 3ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي فوت*
  • *مديجي ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل شخص فوت، وارثن جو احتجاج، قبو سعيد خان ۾ جهيڙي ۾ 13 ڄڻا زخمي*

لاهور ۾ ڪراچي پوليس جي ڪارروائي:قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن ۽ جعلي صحافين سميت 10 ڄڻا گرفتار، 4 گاڏيون هٿ

گرفتار جوابدار بٺي مالڪ جي چوڻ تي عورت کي اغوا ڪرڻ آيا هئا:پوليس

ٽن ڄڻن پاڻ کي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جو اهلڪار سڏرايو پر سويلين هئا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس جي لاهور ۾ وڏي ڪارروائي، بٺي مالڪ جي چوڻ تي پورهيتن کي اغوا ڪرڻ لاءِ ايندڙ ٽن قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن ۽ جعلي صحافين سميت 10 جوابدار گرفتار، ٻن لگزري گاڏين سميت 4 گاڏيون تحويل ۾ ورتيون ويون. ڪلفٽن ٿاڻي جي پوليس لاهور ۾ ڪارروائي ڪري قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي ٽن اهلڪارن ۽ جعلي صحافين سميت 10 جوابدار کي گرفتار ڪيو، جن ۾ ايڇ وي شفيق، محمد احتشام، رشيد مغل، ملڪ فيصل، محمد الياس، اشرف، ارشاد، آصف ۽ اعجاز کي گرفتار ڪيو. ايس پي ڪلفٽن عمران مرزا موجب ريڪس ٽويوٽا، لينڊڪريوزر ۽ هڪ سوزوڪي تحويل ۾ ورتي وئي آهي. ايس پي موجب گاڏين تي ميڊيا جا بينر لڳل هئا ۽ گرفتار جوابدارن ۾ ٽن ڄڻن پاڻ کي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا اهلڪار سڏايو پر اُهي به سويلين هئا، ايس پي موجب جوابدار لاهور جي بٺا مالڪ ملڪ نديم جا ماڻهو آهن، جيڪي بٺي مالڪ جي چوڻ تي ڪراچي جي پروين، سندس ٻارن اليشبه ۽ احسن کي اغوا ڪرڻ آيا هئا. ايس پي موجب ايشبه ٻارن سميت بٺي تي ڪم ڪندي هئي، جتان آزاد ٿي ڪراچي پهتي ته بٺي مالڪ کيس اغوا ڪرڻ لاءِ ماڻهو موڪليا. ايس پي موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ٻئي پاسي ذريعن موجب قانون لاڳو اداري جي ٽن اهلڪارن کي ضابطي جي ڪارروائي لاءِ سندس اداري جا عملدار پاڻ سان گڏ وٺي ويا.

Bookmark the permalink.