تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

لاهور ۾ موٽر وي تي عورت سان لڄالٽ وارو ڪيس: پوليس اڃان تائين مک جوابدار عابد علي کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام

بهاول نگر جي ٽن ٿاڻن تي جوابدار عابد علي خلاف وڌيڪ 3 ڪيس داخل

لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور ۾ موٽر وي تي عورت سان لڄالٽ واري ڪيس جي مُک جوابدار عابد علي کي زمين ڳهي وئي يا آسمان کائي ويو، پوليس اڃا تائين جوابدار عابد علي کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، بهاول نگر جي ٽن ٿاڻن تي جوابدار عابد علي خلاف وڌيڪ 3 ڪيس داخل، ڪيسز ۾ جوابدار عابد علي تي عورت سان ڦر ۽ سندس ڌيءُ کي لڄالٽ بڻائڻ جو الزام، ڦر وارن ڪيسز ۾ موٽروي تي لڄالٽ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شفقت جي ڀاءُ بابر به جوابدار نامزد، پنجاب جي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته خبر اٿئون ته جوابدار عابد علي ڪٿي آهي؟ هڪ ٻن ڏينهن ۾ کيس گرفتار ڪيو ويندو، متاثر عورت ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي، تنهن ڪري کيس جاچ ۾ شامل نه ڪيو.

Bookmark the permalink.