تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

لاهور ۾ ايل پي جي ٽينڪر ڪلٽي، هڪ ٽريفڪ پوليس اهلڪار سوڌو 13 ڄڻا سڙي زخمي

لاهور (ڊيسڪ رپورٽ) لاهور ۾ ايل پي جي ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ بعد ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ٽريفڪ پوليس اهلڪار سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪي سبب ڀرواري پيٽرول پمپ کي به باهه لڳي وئي، جنهن سبب ڪيتريون گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون سڙي تباهه ٿي ويون آهن. شاهدره موڙ تي ايل پي جي سان ڀريل ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڌماڪي سان ڀرواري پيٽرول پمپ کي به باهه لڳي وئي. باهه لڳڻ سبب هڪ ٽريفڪ پوليس اهلڪار سميت 13 شهري سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال پهچايو ويو آهي، جتي ڪجهه ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ پيٽرول پمپ مڪمل طور سڙي ويو، جڏهن ته واقعي بعد فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آڻي ورتو. باهه لڳڻ ڪري پيٽرول پمپ ۽ ڀرسان بيٺل ڪيترن ئي گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن کي به باهه وڪوڙي وئي، جنهن ڪري ڪيترائي شهري سوارين کان محروم ٿي ويا. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر لاهور ۽ سي سي پي او کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ زخمين کي بهتر طبي امداد فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.