تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

لاهور واقعي تي حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبر اٽڪي پيا: زيادتي موٽروي تي ناهي ٿي: مراد سعيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومت توڙي مخالف ڌر جي ميمبرن لاهور موٽروي تي عورت سان ريپ ڪندڙ جوابدارن سوڌو اهڙن ڪيسن جي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو جڏهن ته گهرو صلاحڪار شهزاد اڪبر جي تقرير دوران مخالف ڌر جي عورت ميمبرن جو احتجاج، سي سي پي او جو جيڪو يار آ غدار آ غدار آ، جا نعرا تفصيل موجب اقومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو ، اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اجلاس ۾ لاهور موٽروي واقعي تي بحث ڪرائيندس، اهو واقعو اسان تي بدنما داغ آھي، ان بعد اپوزيشن ليڊر شهباز شريف لاهور موٽروي ۽ ڪراچي ۾ لڄالٽ جي واقعن تي ڳالهائيندي چيو ته موٽروي واقعي تي پوري قوم سوڳوار آهي، موٽروي تي واقعو ٿيو تي انتظاميا، وفاقي ۽ صوبائي حدن جي تڪرار ۾ ڦاٿل رهي، هن چيو ته سي سي پي او جي بيان جي مزمت ڪريون ٿا، پوليس آفيسر عورت جي مٿي تي هٿ رکڻ بدران طعنه زني ڪئي، ان بدنام زمانه آفيسر کي سي سي پي او طور سفارش تي لڳايو ويو حڪومت ان سان گڏ بيهي رهي ان سان گڏ تصويرون ڪڍرايون ويون اسان جي دور ۾ ٿيل اهڙي واقعي تي وزير اعظم عمران خان سياست ڪئي هئي هن واقعي تي وزير اعظم ڇو خاموش آھي؟ هن واقعي تي مڪمل طور گم ۽ چُپ آهي، هن هڪ لفظ ناهي چيو ۽ وزيراعظم جي عادت بڻجي چڪي آهي ته جڏهن قوم پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي آهي ۽ وزيراعظم کي ڳوليندي آهي ته هو اوچتو گم ٿي ويندو آهي ۽ چُپ رهندو آهي. حڪومتي اهلڪارن جوابدار کي ڀڄڻ جو مڪمل موقعو ڏنو، حڪومت مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي واقعي جي انڪوائري ڪرائي وڃي، اهڙن واقعن کي ختم ڪرڻو آھي ته رخ درست ڪرڻو پوندو ميرٽ تي مقرريون ڪرڻيون پونديون هن ايوان جي ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي، شرمناڪ بيان ڏيندڙ سي سي پي او کي طلب ڪيو وڃي،
مواصلات جي وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته واقعو موٽروي تي نه ٿيو آھي، واقعو جتي به ٿيو آهي آئون پاڻ کي ذميوار سمجهان ٿو، هتي بحث واقعي جي ذميوارن کي عبرت جو نشانو بنائڻ تي نه ٿي رهيو آھي، سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي سزا ڏيارڻ بدران منهنجي استعيفيٰ تي بحث ٿي رهيو آهي،
ان دوران پي ٽي آءِ جي ڪراچي مان چونڊيل ميمبر عطاء الله، ۽ عامر لياقت وچم سخت تلخ ڪلامي ٿي، ٻئي وڙهڻ جهيڙا ٿي ويا ته ٻين ميمبرن وچ ۾ اچي جهيڙو ٽاريو، جڏهن ته مراد سعيد جي تقرير دوران مخالف ڌر جي بينچن مان مراد سعيد کان استيفيٰ جا نعرا هنيا ويا پ پ جي عبدالقادر پٽيل چيو ته واقعي بعد چيو ويو ته رات جو عورت ڇو نڪتي جنهن تي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر عبدالقادر پٽيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته اهڙن جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ بابت اوهان جي ڇا راءِ آھي اسپيڪر چيو ته جيڪا صورتحال آھي ان ۾ ڏوهارين کي سري عام ڦاهي نه ملندي مسئلو حل نه ٿيندو، سرعام ڦاهي تي ڊيٽا ڪڍي تحقيق ڪري وٺو ته ڪهڙي ملڪ ۾ ڪيترا ڏوهه گهٽيا.جوابدار کي سرعام ڦاهي لاءِ قانوني جهول ختم ڪيا وڃن، وفاقي وزير شيري مزاري چيو ته اسان جي عزت ڪنهن جي ماءُ ،ڀيڻ طور نه پر هڪ عورت طور ڪئي وڃي ڪنهن کي ڪو حق نه آهي ته اهو چوي ته هي لباس ڇو پاتو هو ، دير سان گهران ڇو نڪتي، محرم ساڻ ڇو نه هيو اگر ڪو مرد عورت کي احترام ۽ عزت جي نظر سان نٿو ڏسي سگهي ته ان کي بند ڪيو وڃي، مرد پاڻ تي ڪنٽرول نٿا ڪري سگهن ته انهن کي گهرن ۾ بند ڪريو، مردن جي ذهنيت تبديل ڪئي وڃي اسان قوم جي نياڻي طور نه عورت طور عزت گهرون ٿا، گهرن ۾ ڪم ڪندڙ معصوم نياڻين سان ريپ ڪيا وڃن ٿا ڪهڙي وحشي زهنيت آھي ڇا اها انسانيت آھي اهڙا واقعا به ڪيا وڃن ٿا ۽ پاڻ کي مسلمان به سمجهو وڃي ٿو، هن چيو ته شهباز کي عورتن جو ايڏو ڏک آهي ته ماڊل ٽائون جو به ذڪر ڪري ها، پي ٽي آءِ جي عامر لياقت چيو ته اگر اسان رياست مدينه جي ڳاله ڪريون ٿا ته اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڏوهارين کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي، جي يو آءِ جي مولانا عبدالشڪور چيو ته ان حوالي سان اسان سرعام ڦاهي ڏيڻ جي سزا مقرر ڪرڻ جا حامي آھيون، خواجه آصف چيو ته ن ليگ ميمبر کيئل داس جو سرعام ڦاهي ڏيڻ جو بل ڪاميٽي ۾ زير غور آھي، ان کي منظور ڪيو وڃي جنهن بعد قومي اسيمبلي ۾ گهرو مامرن ۽ احتساب بابت وزير اعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر تقرير شروع ڪئي ته مخالف ڏر جي پارٽين سان تعلق رکندڙ عورت ميمبرن اسپيڪر جي ڊائيس سامهون اچي احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو انهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ به هئا شهزاد اڪبر پاران سي سي پي او سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪرڻ ان جي حمايت ڪرڻ تي عورت ميمبرز نو نو، سي سي پي او جو جيڪو يار آ غدار آ غدار آ ، شيم آن يو ، ڪوڙو ڪوڙو، شرم ڪريو حيا ڪريو ، ٻڏي مرو ٻڏي مرو جا نعرا لڳايا ويا گوڙ ۽ نعرن جي گونج ۾ تقرير ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته اسان کي سوچڻو پوندو ته اهڙا واقعا ڇو ٿي رهيا آھن 72 ڪلاڪن ۾ جوابدار گرفتار ڪيو آھي، عورتن جي نعرن ۽ هنگامي ۽ گوڙ ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.