تازا ترين
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

لاهور واقعو: دهشتگردي جا قلم شامل: بالا مستري سوگهو

لاهور( بيورو رپورٽ) موٽر وي تي عورت سان زيادتي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي،  مُک جوابدار عابد علي جو هڪ وڌيڪ ساٿي ساهيوال مان گرفتار ٿي ويو. پوليس موجب اقبال عرف بالا ماستري کي گرفتار جوابدار شفقت جي نشاندهي تي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب اقبال عرف بالا مستري به زيادتي جي واقعي واري ڏينهن جوابدارن سان گڏ هو پر واردات کان اڳ ۾ ئي رستي تان موٽي ويو. سي آءِ اي ذريعن موجب اقبال عرف بالا مستري مک جوابدار عابد سان گڏ ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي.ٻئي طرف جوابدار شفقت جي گرفتاري باوجود متاثر عورت جو بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو آهي. پوليس اختيارين موجب متاثر عورت جي بيان کانسواءِ ڪيس کي اڳتي وڌائڻ مشڪل هوندو. گرفتار جوابدار شفقت شروعاتي جاچ ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، سندس ڊي اين اي به ميچ ٿي چڪو آهي. جڏهن ته گرفتاري ڏيندڙ جوابدار وقارالحسن جو ڊي اين اي ميچ ناهي ٿي سگهيو. هوڏانهن ڪيس جي مُک جوابدار عابد علي جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ سامهون اچي ويو آهي. هو زمين جي قبضي خاطر پنهنجي مامي کي به قتل ڪري چڪو آهي. جوابدار عابد علي تي قتل، زيادتي ۽ مختلف وارداتن سميت اجتماعي زيادتي جا 8 ڪيس به داخل آهن. پوليس جوابدار شفقت جو 6 ڏينهن جو ريمانڊ ورتو، انهي ڪيس ۾ دهشتگردي جا به قلم شامل ڪيا ويا آهن.

Bookmark the permalink.