تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

لاهور هاءِ ڪورٽ کي اهڙي فيصلي جو اختيار ئي ناهي: اڳوڻو چيف جسٽس

ڪراچي(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ۽ فوج تي تنقيد ڪرڻ سبب برطرف ڪيل جج شوڪت عزيز صديقي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي غيرآئيني ۽ غيرقانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو اهو فيصلو آئين، قانون ۽ عدالتي روايتن جي بنهه ابتڙ آهي. اهڙو فيصلو رڳو سپريم ڪورٽ ڏيڻ جو اختيار رکي ٿي اها به تڏهن جڏهن جنرل پرويز مشرف جي اپيل جي شنوائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ان فيصلي سان آئيني بحران جنم وٺي چڪو آهي، الله خير ڪري.

Bookmark the permalink.