تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

لاهور موٽروي تي عورت سان اجتماعي زيادتي واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شفقت علي جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف!

لاهور (رپورٽ: شڪيل ملڪ) لاهور موٽروي زيادتي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شفقت انڪشاف ڪندي چيو آهي ته لاهور موٽروي واردات واري ڏينهن ڪارروائي لاءِ 3 ڄڻا نڪتا هئاسين جن ۾ هو پاڻ، عابد علي ۽ هڪ بالا مستري نالي شخص شامل هو. هُو ۽ عابد علي واردات لاءِ شاهدره کان اڳتي ويا هئا جڏهن ته بالا مستري ساڻن گڏ نه هو. جوابدار شفقت چيو ته لاهور موٽروي تي واردات واري رات هُو اُتي ويجهو گهر جي ڇت تي ويٺا هئا، گرفتار جوابدار شفقت انڪشاف ڪندي چيو ته لاهور موٽر وي واردات جي وقت کين شراب پيتل هو ، هُنن شراب واردات کان پهرين اتي ويجهي عمارت جي ڇت تي پيتو هو . ان دوران هنن ڏٺو ته هڪ گاڏي روڊ تي اچي بيٺي. گهڻي دير تائين گاڏي بيٺل رهي ته پوءِ هنن ڦر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جوابدار انڪشاف ڪندي چيو ته ڦر بعد هنن عورت سان اجتماعي زيادتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر عورت مزاحمت ڪئي ۽ روڊ کان هيٺ اچڻ کان انڪار ڪيو، عورت جي مزاحمت تي عابد گاڏي جو شيشو ٽوڙيو جنهن دوران عورت جو هٿ زخمي ٿيو . هن چيو ته عورت جي مزاحمت بعد هُن جي ٻارن کي کنيو ۽ هُو روڊ کان هيٺ هليا ويا، جنهن تي عورت گاڏي مان لهي رستي کان هيٺ اچي وئي ۽ پوءِ هُنن ٻنهي گڏجي عورت کي زيادتي جو نشانو بڻايو. جوابدار شفقت چيو ته هُنن موٽر وي واقعي بعد قلعه ستار شاهه ۾ رات گذاري هئي،ٻئي ڏينهن هُو ديپالپور هليو ويو هو جڏهن ته عابد علي پنهنجي والد جي گهر مانگا منڊي هليو ويو هو.هُن جو عابد علي سان آخري رابطو ٽي ڏينهن پهرين ٿيو هو . هن چيو ته وقار الحسن به گروهه ۾ شامل هئو پر هو موٽروي واردات ۾ شامل نه هئو. وقار الحسن بابت انڪشاف ڪندي شفقت چيو ته موٽر سائيڪل چوري جي وارداتن ۾ وقار الحسن شامل رهيو آهي ۽ چوري ڪيل گاڏين جا اسپيئر پارٽس بلال گنج مارڪيٽ لاهور ۾ وڪرو ڪندا هئا. جوابدار شفقت انڪشاف ڪندي چيو ته هنن جا ڪچي جي علائقي ۾ رابطا آهن، وارداتن بعد هو ڪچي جي علائقن ۾ روپوش ٿي ويندا آهن. هن چيو ته هو رات جو پنهنجي گهرن ۾ ناهن سمهندا ڇاڪاڻ ته رات جو پوليس سندن گهرن تي ڇاپا هڻندي هئي، هو ڏينهن جو پنهنجي گهرن ۾ ويندا هئا. جوابدار شفقت لاهور موٽروي جي مک جوابدار عابد علي بابت انڪشاف ڪندي چيو ته عابد علي هڪ مهينو اڳ فيڪٽري ايريا ٿاڻي جي حد ۾ شيخوپوره جي علائقي ۾ ڦر دوران هڪ عورت کي زيادتي جو نشانو بڻايو هو، ان واقعي جو ڪيس فيڪٽري ايريا ٿاڻي تي داخل ٿيو پر ان ۾ صرف ڦر واردات جو ذڪر ڪيو ويو جڏهن ته فريادي به وڌيڪ ڪيس جي ڪارروائي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. جوابدار شفقت علي چيو ته هُو لاهور سيالڪوٽ موٽروي تي ان کان پهرين به ڦر جون وارداتون ڪري چڪا آهن.

Bookmark the permalink.