تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ق ليگ پاران گلگت ۾ چونڊن لاءِ پارٽي ايڊوائزري ڪاميٽي ۽ عهديدارن جو اعلان

لاهور (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ ق جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين پارٽي جي مرڪزي جنرل ڪائونسل کان مليل اختيار استعمال ڪندي گلگت جي پارٽي عهديدارن ۽ اتي ٿيندڙ اليڪشن 2020ع لءِ پارٽي جي ايڊوائزري ڪاميٽي جو اعلان ڪيو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نون عهديدارن ۾ ايڊووڪيٽ اسد الله خان کي گلگت جو ضلعي صدر، دلفراز خان کي سينيئر نائب صدر، مقبول ولي کي ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري، رضوان الله کي نائب صدر، عبدالرحيم کي چلاس ديامير جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو آهي، وزير اسحاق، راجا فخر، مظفر غازي ۽ ٻين کي به عهديدار مقرر ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.