تازا ترين
  • پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو*عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ علي مردان شاهه ڪيترائي ڀيرا وزير ۽ ايم پي اي رهيو*علي مردان شاهه صوبائي وزير سردار شاهه جو مامو ۽ ضلعي چيئرمين نور علي شاهه جو ڀاءُهو
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

قومي اسيمبلي ۾ گيس بحران خلاف پ پ سان گڏ حڪومتي ميمبرن جو به احتجاج: عمر ايوب ڪوڙو قرار

پ پ سنڌ ۽ پي ٽي آءِ پنجاب جي ميمبرن احتجاج ڪيو، سنڌ 2243 ايم ايم سي ايف ڊي گيس پيدا ڪري ٿي:عمر ايوب

پيداوار 2500 ايم ايم سي ايف ڊي آهي،ڪوڙ ٿا هڻو (قادر پٽيل) ڪوڙا توهان ۽ پ پ هوندي، بحران جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي:عمر ايوب

اسلام آباد (رپورٽ ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ گيس لوڊشيڊنگ خلاف پ پ سان گڏ حڪومتي ميمبرن جو به احتجاج، توانائي واري وزير کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، نعرا، پ پ ميمبرن سنڌ ۾ گيس پيداوار جا انگ اکر رد ڪندي چيو ته وفاقي وزير عمر ايوب لاڳيتو غلطي بياني ڪري رهيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ سنڌ جي ميمبرن سنڌ ۾ گيس لوڊشيڊنگ خلاف حڪومت جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڌيان طلب نوٽيس پيش ڪيو، جنهن جو جواب ڏيندي توانائي جي وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته سنڌ صوبو 2243 ايم ايم سي ايف ڊي گيس پيدا ڪري ٿو، سوئي سدرن گيس ڪمپني کي 1300 کان 1400 ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهم ڪئي وڃي ٿي، ڀاڻ ۽ پاور فيڪٽرين کي 70 ايم ايم سي ايف ڊي گيس ملي ٿي، هن چيو ته سوئي سدرن گيس ڪمپني جي نيٽ ورڪ مان 500 ايم ايم سي ايف ڊي گيس پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کي گيس فراهم ڪندڙ سوئي نادرن کي وڃي ٿي، ان مان 265 ايم ايم سي ايف ڊي گيس سنڌ واپس اچي ٿي، هن دعويٰ ڪندي چيو ته سنڌ ۾ گهرج کان گيس کوٽ رڳو 250 ايم ايم سي ايف ڊي جي آهي، اسان گذريل سال جي شروع ۾ سنڌ حڪومت کي آگاهه ڪيو هو ته رحمان ۽ آمنه گيس فيلڊن لاءِ رستو ڏنو وڃي، جيڪڏهن رستو ڏنو وڃي ها ته 65 ايم ايم سي ايف ڊي گيس اضافي فراهم ڪري سگهون ها، پاڪستان پائيپ لائين مان سنڌ حڪومت 17 ڪلوميٽر جو رستو ڏئي ها ته 150 ايم ايم سي ايف ڊي ايل اين جي پنجاب کي فراهم ڪري سگهون ها. هن انڪشاف ڪندي چيو ته ڪراچي جون صنعتون مقرر ڪوٽا کان وڌيڪ گهريلو صارفين جو به گيس استعمال ڪري رهيون هيون، سوئي سدرن کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ جي صنعتن کي 25 ايم ايم سي ايف ڊي گيس گهٽ ڏئي اها گهريلو صارفين کي ڏني وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ گيس بحران جو رڳو هڪ ئي حل آهي ته صوبا ويٽيج ايوريج گيس قيمت طئي ڪرڻ تي اتفاق ڪن، ان جو مقصد امپورٽ ٿيندڙ ايل اين جي ۽ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ گيس جي قيمتن ۾ ڪو فرق نه هجي، ان بعد وفاقي حڪومت کي اهو اختيار هجي ته هو جنهن جڳهه تي سبسڊي ڏيڻ چاهي ته ڏئي. هن چيو ته سنڌ وارا آرٽيڪل 158 جي ڳالهه ڪن ٿا، آرٽيڪل 158 تڏهن آئين ۾ شامل ٿيو هو، جڏهن ملڪ ۾ گيس جي گهرج ايتري نه هئي، قدرتي وسيلن تي ملڪ جي هر شهري جو برابر حق آهي. جنهن تي پيپلزپارٽي جي سيد نويد قمر احتجاج ڪندي آئين جي ڪاپي لوڏي، شازيه مري به ان احتجاج ۾ شامل ٿي، ٻئي ميمبر توانائي جي وزير جي اهڙي بيان تي ڪوئيسچن ڪوئيسچن جا نعرا لڳايا، جنهن بعد توانائي جي وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته سنڌ حڪومت چوي ٿي ته گيس جا وسيلا اسان جا آهن، ايندڙ ٻن سالن ۾ سنڌ جي گهرج کان سرپلس گيس ختم ٿي ويندو، ان بعد سنڌ آرٽيڪل 158 جو ڇا ڪندي؟ جنهن تي پ پ جي عبدالقادر پٽيل چيو ته وفاقي وزير عمر ايوب گهڻيون غلط بيانيون ڪيون آهن، توانائي واري اداري جي رپورٽ آهي جنهن ۾ سنڌ صوبي مان گيس پيداوار جا جيڪي گهٽ ۾ گهٽ انگ اکر ڏنا ويا آهن، اهي 2500 ايم ايم سي ايف ڊي آهن، هي وزير صاحب سنڌ ۾ گيس پيداوار 2243 ايم ايم سي ايف ڊي ٻڌائي رهيو آهي، هن ايوان ۾ به پيٽروليم منسٽري منهنجي سوال جي جواب ۾ اهو ٻڌائي چڪي آهي ته سنڌ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ گيس پيداوار ڪري ٿي. هن چيو ته پاڻي تي بجلي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ پيدا ٿئي ٿي، ان مد ۾ انهن ٻنهي صوبن کي نيٽ هائيڊل پرافيٽ ڏنو وڃي ٿو، ڇا اسان سنڌ وارا آئيني حقن لاءِ به سپريم ڪورٽ ۾ وڃون؟ هن اجلاس جي صدارت ڪندڙ فخر امام کان مطالبو ڪيو ته ان مامري تي توهان رولنگ ڏيو، هن وفاقي وزير پاران سنڌ کي گيس فراهمي جي پيش ڪيل انگن اکرن کي به رد ڪندي چيو ته اسان کين مشڪل سان 900 ايم ايم سي ايف ڊي گيس ملي رهي آهي، جڏهن ته سنڌ صوبي جي گيس جي گهرج 2500 ايم ايم سي ايف ڊي آهي. هن وفاقي حڪومت تي الزام لڳائيندي چيو ته هي اسان جي گهر مان 8 کان 900 ايم ايم سي ايف ڊي گيس چوري ڪري رهيا آهن، اسان پنهنجو آئيني حق وٺي ساهه کڻنداسين. توانائي جي وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل سال مخاطب ٿيندي چيو ته عبدالقادر ۽ پيپلز پارٽي ڪوڙي هوندي، جنهن تي عبدالقادر پٽي ۽ پيپلز پارٽي جي ميمبرن گوڙ ڪيو ۽ عمر ايوب لاءِ لوٽي جا جملا استعمال ڪيا. پ پ جي ڪراچي مان چونڊيل ميمبر آغا رفيع الله چيو ته توانائي جو وزير لسانيت طرف وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پ پ پ وفاقي جماعت آهي، سي سي آءِ جي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير گيس لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪيو پر ان جو ڪو حل نه ڪڍيو ويو. عمر ايوب چيو ته ذوالفقار ڀٽو به ايوب خان جي ڪابينا ۾ رهيو، هي اکين تان چشما هٽائن ته کين سڀ شئي صاف نظر ايندي. اجلاس ۾ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جي پنجاب صوبي سان تعلق رکندڙ ميمبرن پنجاب ۾ گيس کوٽ خلاف ڌيان طلب نوٽيس پيش ڪيو، پي ٽي آءِ جي خواجا شيراز محمود چيو ته سڄي ملڪ ۾ گيس لوڊشيڊنگ آهي، پنجاب ۾ اسان نئين صورتحال ڀوڳي رهيا آهيون، پنجاب ۾ هلندڙ گيس فراهمي جي منصوبن کي بند ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ پنجاب به شامل آهن، گيس فراهمي جي منصوبن تي ڇو ڪم روڪيو ويو آهي؟ ملڪ ڪرامت کوکر چيو ته خواجا شيراز جي ڳالهين جي تائيد ڪيان ٿو، لاهور شهر ۾ به گيس پريشر ناهي؟ هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ چوڌري شوڪت علي ڀٽو چيو ته اسان ڳالهه پنجاب جي ڪري رهيا آهيون، اسان کي ڳالهيون پاڪستان جون ٻڌايون پيون وڃن، ٻڌايو وڃي ته گيس اسڪيمن تي صرف پنجاب ۾ پابندي ڇو لڳائي وئي آهي، پي ٽي آءِ جي سردار طالب حسن نڪئي توانائي جي وفاقي وزير عمر ايوب جي بيان کي غلط قرار ڏيندي چيو ته عمر ايوب درست جواب نه ڏئي رهيو آهي، اسان کي گيس نه ملي رهي آهي، گيس بند آهي، مان پرويز خٽڪ، اسد عمر، خسرو بختيار، عمر ايوب جا دروازا کڙڪايا، پر هي غلط بياني ڪري رهيا آهن سڀ ڪوڙ آهي، 19 ڪروڙ رپين جا منهنجا منظور فنڊ ليپس ٿي ويا، اهي مون کي هن وقت گهرجن، نه ته پاڪستان جو نقصان ٿيندو، نوان فنڊ به ڏنا وڃن، ڪو خدا جو خوف ڪيو وڃي، امتياز احمد چوڌري چيو ته پنجاب سان سٺو سلوڪ نه ٿي رهيو آهي، پنجاب جي ميمبرن جا جواب ڏيندي توانائي جي وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته اسان جي حڪومت گيس ڳولا لاءِ 8 بلاڪ ڏئي ڇڏيا آهن، 18 بلاڪن جي آڪشن لاءِ واڪ ٿي رهيا آهن، ايل اين جي لاءِ 5 نوان ٽرمينل نجي شعبي کي قائم ڪرڻ جي اجازت ڏئي رهيا آهيون، سنڌ حڪومت پاڪ پائيپ لائين جي 17 ڪلوميٽر نئين پائيپ لائين جي اجازت نه ڏني، ان ڪري پنجاب لاءِ واڌو ايل اين جي امپورٽ نه ڪري سگهياسين، هن سال سردي گذريل 40 سالن جا رڪارڊ ٽوڙيا آهن، گيس اسان گذريل سال کان 50 سيڪڙو پنجاب کي وڌيڪ ڏني آهي، ڪرڪ لاءِ 10 ارب جو پائيپ لائين جو منصوبو ڏنو آهي ته جيئن ڪرڪ جي شهرين کي گيس فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته نگران حڪومت جي دور ۾ پنجاب جي گيس اسڪيمن تي فنڊ واپس ٿيا هئا، ان لاءِ دفاع جي وزير پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ ڪاميٽي ٺاهي آهي، هن پي ٽي آءِ پنجاب جي ميمبرن پاران سندس لاءِ ڪوڙ جو لفظ استعمال ڪرڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته مان صاف سٿري ۽ سچي ڳالهه ڪندو آهيان، اڳوڻين حڪومتن 10 سالن ۾ ڪا به گيس پيداوار نه ڪئي، جنهن تي نويد قمر احتجاج ڪندي گوڙ ڪيو، دفاع جي وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو ته گيس ڪمپنين پاران درخواست تي گيس موجود ناهي لکيو پئي ويو، جنهن تي مون کين چيو ته 18هين ترميم بعد گيس پيدا ڪندڙ ٽن صوبن جو ته گيس فراهم ڪرڻ حق آهي، سنڌ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جو هڪ به گيس منظور نه ڪيو پئي ويو، ڪاميٽي قائم ٿي رهي آهي، جنهن تي سنڌ ۽ پنجاب ۾ گيس کوٽ واري مامري کي اسپيڪر لاڳاپيل ڪاميٽي حوالي ڪندي رپورٽ طلب ڪري رهي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اسلام آباد سان تعلق رکندڙ علي نواز اعواڻ چيو ته ملڪ ۾ گيس جي گهرج جو 30 سيڪڙو گيس ملڪ ۾ پيدا ٿي ٿي، 70 سيڪڙو گيس امپورٽ ڪئي وڃي ٿي، ان حساب سان 83 سيڪڙو گيس تي گيس پيدا ڪندڙ صوبن جو حق نه ٿو بڻجي رڳو 13 سيڪڙو تي حق ٿئي ٿو، هن چيو ته گيس ڪنيڪشنن تي پابندي واري لسٽ مان پنجاب ۽ اسلام آباد جو به نالو ڪڍيو وڃي.



Bookmark the permalink.