تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

قمبر ۾ ناري جي اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي عمر قيد جي سزا: ٻيو بري

قمبر (ن پ ا) قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ نوجوان ناري کي اغوا ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪنڌڪوٽ واسي جوابدار لياقت نصراڻي کي عمر قيد ۽ 2 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار 11 مهينا اڳ قمبر جي ڳوٺ ڇڄڙا جي رهواسي شرف الدين ميمڻ جي 17 سالن جي نوجوان ڌيءَ ڪائنات ميمڻ کي لڄالٽ جي ارادي سان اغوا ڪيو هو، مغوي ناري جي ڀاءُ صدرالدين ميمڻ قمبر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هو، اهڙي ڪيس ۾ عدالت جوابدار کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

Bookmark the permalink.