تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

قمبر ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ڪرڻ خلاف احتجاج

قمبر ( رپورٽر) قمبر ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ڪراچي ڪاميٽي، برسات متاثرن جي واهر نه ڪرڻ، ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ جي وحدت خلاف بس اسٽاپ کان عورتن ۽ مردن احتجاجي مظاهروڪري ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي ساجد مهيسر, ايڊووڪيٽ ماه نور ملاح ,محمد رفيع لغاري. اياز چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ صدين کان قائم آهي ۽ تاريخي طور ان جا حقيقي وارث سنڌي آهن ۽ سنڌي قوم سنڌ وطن جي سرحدن جي بچاءَ لاءِ نسل درنسل پنهنجي پيارن جون قربانيون ڏنيون آهن. هنن چيو ته ڪراچي ڪاميٽي جي ڪابه حيثيت نه آهي سنڌ ڪراچي ڪاميٽي کي چور ڪاميٽي سمجهي مڪمل طور رد ڪري ٿي.

Bookmark the permalink.