تازا ترين
  • *سڀاڻي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندس، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن اندر ڪورونا جي صورتحال خراب آهي، وائرس سبب سڄي دنيا ڏکيائين ۾ آهي: وزيراعظم*
  • *ڪراچي: ايڪسپو سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ 1200 بسترن تي ٻڌل فيلڊ آئسوليشن سينٽر جو افتتاح*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سهيل انور سيال جي ٻن عزيزن سوڌو 3 ڄڻن جي ضمانت منظور*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ عمر شيخ جي موت واري سزا 7 سال قيد ۾ تبديل*
  • *صحافين کي گاريون ڏيڻ وارو ٽرينڊ صحافت تي هڪ وڌيڪ حملو آهي:بلاول ڀٽو زرداري*
  • *ٺٽو: جهرڪ ويجهو ڪار ڪلٽي، جهمپير واسي 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي * حادثي ۾ نياز بروھي ۽ عبدالستار بروھي فوت ٿي ويا، ولي بروھي سخت زخمي *
  • *ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، ملڪ ۾ 2291 متاثر *سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي:صحت کاتو * خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا، وڌيڪ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿيو*
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

قمبر ۾ بااثرن طرفان ٻارن جي ڳالهه تان عورت تي مبينا طور تشدد، مٿو ڪوڙي ۽ منهن تي ڪارو تيل هاري تذليل

ڊِرگھه ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٺُوڙي بِجار ۾ ڪبوترن جي ڳالهه تان ٻارن ۾ جهيڙو ٿي پيو

بااثر وڏيرن ٻارن جي وارث عورت مسمات ڪمالان کي گهرائي تشدد جو نشانو بڻايو

قمبر (ن پ ا) جي بااثرن ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙي بعد عورت کي مبينا تشدد بعد وار ڪتري منهن تي ڪارو تيل هاري تذليل جو نشانو بڻائي ڇڏيو، ايس ايس پي قمبر نوٽيس وٺندي حد جي پوليس کي واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
ڊرگھه ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٺوڙي بجار ۾ ڪبوترن جي ڳالهه تان ٻارن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد ڳوٺ جي بااثر وڏيرن الزام هيٺ آيل ٻارن جي وارث عورت مسمات ڪمالان زال منظور تنيو کي گهرائي کيس مبينا تشدد جو نشانو بڻايو.
متاثر عورت مسمات ڪمالان ميڊيا آڏو دانهيندي الزام هنيو ته ته با اثر وڏيري سلطان تنيو ۽ رانجھن تنيو تشدد بعد منهن تي ڪارو تيل ھاري وار ڪوڙي تذليل ڪئي ۽ گهر کي باهه ڏئي ڇڏي.
ٻئي طرف ايس ايس پي قمبر طرفان واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ڊرگهه کي حڪم ڏنو ويو ته ڪيس داخل ڪري ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي

Bookmark the permalink.